Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

اوڏانهن چنڊ هلندو هو، مونکي حيرت وٺي ويندي هئي. يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بس اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان تي ايمان آندو.(شفا شريف ص431)

کير پيئڻ جو زمانو

سڀ کا پهرين حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ابو لهب جي لونڊي ”حضرت ثُوَيۡبَه“ جو کير نوش فرمايو پوءِ پنهنجي والده ماجده حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جي کير سان سيراب ٿيندا رهيا، پوءِ حضرت حليمه سعديه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ساڻ وٺي وئي ۽ پنهنجي قبيلي ۾ رهائي کين کير پياريندي رهي ۽ انهن وٽ ئي حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي کير پيئڻ جو زمانو گذريو[1]. (مدارج النبوة ج2، ص 18)

  عرب جي ماڻهن جي عادت هئي ته اهي پنهنجي ٻارن کي کير پيارڻ جي لاءِ ڀَرَ وارن ڳوٺن ۾ موڪلي ڇڏيندا هئا، ڳوٺ جي صاف سٿري آبهوا ۾ ٻارن جي تندرستي ۽ جسماني صحت به سٺي ٿي ويندي هئي ۽ هو خالص ۽ فصيح عربي زبان به سکي وٺندا هئا ڇو ته شهر جي زبان ٻاهرين ماڻهن جي اچ وڃ سان خالص، فصيح ۽ بليغ نه رهندي هئي۔

حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جو بيان آهي ته مان ”بني سعد“ جي عورتن سان گڏ کير پيئڻ وارن ٻارن جي تلاش ۾ مڪي ويس. ان سال عرب ۾ تمام سخت ڏڪار پيل هو منهنجي جهولي ۾ هڪ ٻار هو پر غُربت ۽ بُک جي ڪري منهنجي ڇاتيءَ ۾ ايترو کير نه هو جو ان کي ڪافي ٿئي. سڄي رات اهو ٻار بک جي ڪري تڙپندو ۽ روئندو رهندو هو ۽ اسان ان جي دلجوئي ۽ دلداري جي لاءِ سڄي رات ويهي گذاريندا هئاسين. هڪ ڏاچي به اسان وٽ هئي پر ان ۾ به کير نه هو، مڪي شريف جي سفر ۾ جنهن خچر تي آئون سوار هيس اهو به ايترو ڪمزور هو جو قافلي وارن سان گڏ نه پئي هلي سگهيو، مونسان گڏ هلڻ وارو قافلو به ان مان تنگ اچي چڪو هو. وڏين مشڪلن سان هي سفر مڪمل ٿيو جڏهن هي قافلو مڪي پهتو ته


 

 



[1]  مدارج النبوت، قسم دوم، باب اول، ج 2، ص 18_19 ملخصاً