Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
هي ئي اهو معجزو آهي جنهن جي طرف اشارو ڪندي اعليٰ حضرت فاضل بريلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو ته
کیوں جناب بوہریرہ کیسا تھا وہ جام شیر
جس سے ستر صاحبوں کا دودھ سے منہ پھر گیا
آڱرين مبارڪ مان پاڻي جون نهرون
حديثن جي تلاش ۽ جستجو مان معلوم ٿئي ٿو ته حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ آڱرين مان تقريباً تيرنهن موقعن تي پاڻي جون نهرون جاري ٿيون انهن مان صرف هڪ موقعي جو ذڪر هتي تحرير ڪجي ٿو.
سن 6 هجري ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عمري جو ارادو ڪري مدينه منوره کان مڪه مڪرمه لاءِ روانا ٿيا ۽ حديبيه جي ميدان ۾ لهي پيا. ماڻهن جي گهڻائيءَ سبب حديبيه جو کوھ سُڪي ويو ۽ حاضرين پاڻي جي هڪ هڪ ڦُڙي لاءِ محتاج ٿي ويا. ان وقت رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رحمت جو درياء جوش ۾ اچي ويو ۽ پاڻ هڪ وڏي پيالي ۾ پنهنجو هٿ مبارڪ رکي ڇڏيائون ته پاڻ (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي مبارڪ آڱرين مان ائين پاڻي جون نهرون جاري ٿي ويون جو پندرنهن سو جو لشڪر سيراب ٿي ويو. ماڻهن وضو ۽ غسل به ڪيو، جانورن کي به پيئاريو، تمام کَلين ۽ ٿانوَن کي به ڀري ڇڏيو. پوءِ رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پيالي مان هٿ مبارڪ ڪڍيو ۽ پاڻي ختم ٿي ويو. حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ماڻهن کان پڇيو ته ان وقت توهان گھڻا ماڻهو هئا؟ ته انهن فرمايو اسان پندرنهن سو جي تعداد ۾ هئاسين پر پاڻي ايترو گهڻو هو جو،
لَوکُنَّا مِائَةَ اَلفٍ لَکَفٰنَا[1]
(مشڪوات جلد 2 ص 532 باب المعجزات)