Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جو بيان آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پينگهو فرشتن جي لوڏڻ سان لُڏندو هو ۽ پاڻ ننڍپڻ ۾ چنڊ ڏانهن آڱر کڻي اشارو فرمائيندا هئا ته چنڊ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آڱر جي اشاري تي حرڪت ڪندو هو جڏهن سندن زبان کلي ته سڀ کان پهرين جيڪو ڪلام سندن زبان مبارڪ مان نڪتو اهو هي هو اللهُ اکبر اللّٰہ اکبرالحمد للّٰہ رب العالمین وسبحان اللّٰہ بکرۃ واصیلا ٻارن جي عادت جي مطابق ڪڏهن به پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪپڙن ۾ بول و براز (پيشاب ۽ پاخانو) نه فرمايو، هميشه هڪ خاص وقت تي رفعِ حاجت فرمائيندا هئا. جيڪڏهن حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شرم گاهه کُلي ويندي هئي ته پاڻ روئي روئي فرياد ڪندا هئا ۽ جيستائين شرم گاهه نه ڍڪجي ويندي هئي تيسيتائين حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي چين ۽ سُڪون نه ايندو هو جيڪڏهن شرم گاهه لِڪائڻ ۾ مون کان دير ٿي ويندي هئي ته غيب کان ڪو سندن شرم گاهه لِڪائي ڇڏيندو هو. جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي پيرن تي هلڻ لڳا ته ٻاهر وڃي ٻارن کي راند کيڏندي ڏسندا هئا پر پاڻ راند روند ۾ شريڪ نه ٿيندا هئا ٻار کين کيڏڻ لاءِ سڏيندا هئا ته پاڻ فرمائيندا هئا ته آئون کيڏڻ لاءِ پيدا نه ڪيو ويو آهيان.[1] (مدارج النبوة ج2، ص 21)
سبحٰن الله! آقا ڪريم جن جي ننڍپڻ جون ڇا ته ادائون هيون اچو! سندن جي هڪ ادا متعلق سندن جي چاچي حضرت عباسرَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي زباني هڪ معجزو ٻڌون ٿا؛
حضرت قاضي عياض مالڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: حضرت عباس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پنهنجي اسلام آڻڻ جو سبب بيان ڪندي عرض ڪيو يارسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جڏهن ٻار هوندا هئا ته مان ڏسندو هئس ته اوهان پينگهي ۾ هوندا هئا ۽ پنهنجي آڱر جي اشاري سان چنڊ سان کيڏندا هئا. جيڏانهن اشارو ڪندا هئا