Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
ڪري مان واپس موٽي آيس. امام ابو القاسم طبراني مونکي چيو ويهي رهه رزق ايندو يا موت. ابو بڪر مقري جو بيان آهي مان ۽ ابوشيخ ته سمهي پياسين پر امام طبراني ويٺا هئا ته هڪ علوي اچي دروازو کڙڪايو اسان کوليو ته ڇا ٿا ڏسون ته ان سان گڏ ٻه غلام آهن جن مان هر هڪ جي هٿ ۾ هڪ ٽوڪري آهي جيڪا قسم قسم جي کاڌن سان ڀريل آهي. اسان ويهي کاڌو ۽ سمجھيو ته بچيل کاڌو غلام کڻي ويندو پر هو بقايا کاڌو به اسان وٽ ڇڏي هليو ويو. جڏهن اسان کائڻ کان فارغ ٿياسين ته علوي اسان کان پڇيو ته ڇا توهان حضورنبيّ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرياد ڪئي هئي ڇو ته رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ مونکي حڪم ڏنو ته مان توهان وٽ ڪجهه کاڌو کڻي وڃان.[1]
پيارا پيار اسلامي ڀائرو! هاڻي بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي اسان ٽيلي ٿون جي باري ۾ ٻڌنداسين.
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ تقريبًا 104 کان وڌيڪ شعبن جي ذريعي دِين و سنّت جو پيغام عام ڪري رهي آهي، انهن شعبن ۾ جامعة المدينه ۽ مدرسة المدينه به شامل آهن، جتي قرآن پاڪ ۽ علمِ دين جي تعليم في سبيل الله ڏني ويندي آهي، سڄي دنيا ۾ تقريبًا 3000 کان وڌيڪ مدارس المدينه ۾ 144000(هڪ لک چوئيتاليھ هزار) کان وڌيڪ مدني مُنّا ۽ مدني مُنّيون قرآني تعليم سان پاڻ کي آراسته ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هاڻي 300000 (ٽي لک) کان وڌيڪ مدني مُنّا ۽ مدني مُنّيون حفظ ۽ ناظره جي سعادت حاصل ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 606 جامعات المدينه ۾ 50000 (پنجاھ هزار) کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون دِيني تعليم پرائڻ ۾ مشغول آهن، صرف هنن ٻن شعبن جا اخراجات سالانه ڪروڙين روپيا آهن۔