Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
درگذر ڪرڻ وارا ۽ بخشش عطا ڪرڻ وارا آهيو، تنهنڪري اسان جي جُرمن ۽ خطائن کي به بخشي ڇڏيو۔ الله پاڪ اوهان صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪروڙين دُرُود ۽ سلام نازل فرمائي.
اُمُّ المؤمِنين حضرتِ سيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا سَحري جي وَقت ڪجھ سبي رهيون هيون، اوچتو هٿ مان سُئي ڪري پئي ۽ چَراغ (Lamp) به وسامي ويو۔ ايتري ۾ رَحمتِ عالم، نورِمجسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تشريف فرما ٿيا۔ نوراني چهري جي روشني سان سڄو گھر روشن ٿي ويو ايستائين جو سُئي ملي وئي۔ اُمُّ المؤمِنين رَضِیَ اللهُ عَنْهَا عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جو چهرو ڪيترو روشن آهي۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايائون: وَيلٌ لِّمَنْ لَّا يرَانِي يوْمَ الْقِيامَۃِ۔ يعني ان شخص جي لاءِ هلاڪت آهي جيڪو مون کي قيامت جي ڏينهن نه ڏسي سگھندو۔ عرض ڪيو: اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي قيامت جي ڏينهن نه ڏسي سگھندو۔ فرمايائون: اهو بَخيل آهي۔ پڇيو ويو: بَخيل ڪير؟ ارشاد فرمايائون: اَلَّذِي لَا يُصَلِّي عَلَيّ اِذْ سَمِعَ بِاِسْمِي، جنهن منهنجو نالو ٻڌو ۽ مون تي دُرُودِ پاڪ نه پڙھيو۔ (القول البديع،الباب الثالث في التحذير من ترڪ الصلاۃ ۔۔۔الخ، ص۳۰۲)
عالم سڳورا فرمائن ٿا: هر مسلمان تي عمر ۾ هڪ ڀيرو درود شريف پڙھڻ فرض ۽ هر مجلس ۾ جتي بار بار حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ نالو ورتو وڃي هڪ ڀيرو واجب آهي ۽ هر ڀيري (جڏهن نالو اچي ته درود پڙھڻ) مستحب آهي۔ (مرآۃ المناجيح، ۲/۹۷)
سُوزَنِ گُمشُدہ ملتی ہے تبسُّم سے ترے شام کو صُبح بناتا ہے اُجالا تیرا
مختصر وضاحت: يعني اسان جي پياري آقا، نور واري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مرڪڻ سبب اهڙو نُور نڪرندو آهي جنهن جي روشني ۾ گم ٿيل سُئي