Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

روشن کر قبر بیکسوں کی                                                     اے شمعِ جمالِ مصطفائی

اندھیر ہے بے ترے مِرا گھر                                             اے شمعِ جمالِ مصطفائی

آنکھوں میں چمک کے دل میں آجا                                    اے شمعِ جمالِ مصطفائی

تاریک ہے رات غمزدوں کی                                             اے شمعِ جمالِ مصطفائی

پُر نور ہے تجھ سے بزمِ عالم                                                اے شمعِ جمالِ مصطفائی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيار اسلامي ڀائرو! حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دعا جو ايترو ته اثر هوندو هو جو جڏهن سندن هٿ مبارڪ کڻندا هئا ته ڪم بڻجي ويندا هئا اچو سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دعا جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا

ڪڪر هٽي ويا

حضرت انس بن مالڪ رضِىَ اللهُ عَنْهُ جو بيان آهي ته  عرب ۾ نهايت ئي سخت ڏڪار پئجي ويو هو ان وقت جڏهن حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خطبي لاءِ منبر تي چڙهيا ته هڪ اعرابي (عرب شريف جي ڳوٺاڻي) اٿي بيهي فرياد ڪئي ته يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم برسات نه پوڻ سبب جانور هلاڪ ۽ ٻار ٻچا بک کان تباهه ٿي رهيا آهن تنهنڪري توهان دعا فرمايو ته مينهن وسي. ان وقت آسمان تي ڪڪرن جو ڪو نالو نشان نه هو پر جيئن ئي رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجا هٿ مبارڪ کنيا ته هر طرف کان جبلن وانگر ڪڪر اچي ڇائنجي ويا ۽ اڃان رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منبر تان لٿا به ڪونه هئا ته برسات جا ڦڙا پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي نوراني ڏاڙهي مبارڪ تي ڪرڻ لڳا ۽ اٺن ڏينهن تائين زوردار برسات ٿيندي رهي ايتري تائين جو حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻئي جمعي تي خطبي جي لاءِ جڏهن منبر تي رونق افروز ٿيا ته اهو ئي اعرابي يا ڪو ٻيو اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان فرياد ڪرڻ لڳو ته يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گهر ڪري پيا ۽ مال ۽ جانور هلاڪ