Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

گهروارن کين ان ماڻهوءَ جو نالو ٻڌايو جنهن کير هديو موڪليو هو. حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي حڪم ڏنو ته وڃ ۽ سڀني اصحابِ صفه کي سڏي ڪري اچ. حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پنهنجي دل ۾ سوچڻ لڳا ته هڪ ئي پيالو ته کير آهي ان کير جو وڌيڪ حقدار ته مان هئس جيڪڏهن مونکي ملي وڃي ها ته مون کي بُک جي تڪليف کان ڪجھ راحت ملي وڃي ها هاڻي ڏسون ته اصحابِ صفه جي اچڻ کان پوءِ ڀلا ان مان ڪجھ مونکي ملي به ٿو يا نه؟ انهن جي دل ۾ اهي ئي خيال هلي رهيا هئا پر الله ۽ رسول عَزَّوَجَلَّ و صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اطاعت کانسواءِ ڪو حيلو نه هو؛ تنهنڪري هو اصحاب صفه کي سڏي وٺي آيا هي سڀئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي جڳھ تي هڪ قطار ۾ ويهي رهيا. پوءِ رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي حڪم ڏنو ته ”تون پاڻ ئي انهن سڀني کي کير پيئار“ اهڙي طرح انهن سڀني کي پيئارڻ شروع ڪيو جڏهن سڀئي پيٽ ڀري پي سيراب ٿي ويا ته حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجي رحمت وارن هٿن ۾ اهو پيالو کنيو ۽ حضرت ابو هريره جي طرف ڏسي مسڪرايو ۽ فرمايائون ته هاڻي صرف مان ۽ تون رهجي ويا آهيون اچ ويهه ۽ تون پيئڻ شروع ڪر. انهن پيٽ ڀري کير پيتو ۽ پيالو رکڻ چاهيو ته حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته ”اڃان پيءُ“ تنهنڪري انهن ٻيهر پيتو پر پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هرهر فرمائيندا رهيا ته ”اڃان پيءُ اڃان پيءُ“ ايتري تائين جو حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عرض ڪيو يارسول الله!
(
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) مونکي ان ذات جو قسم آهي جنهن توهان کي حق بڻائي موڪليو آهي ته هاڻي منهنجي پيٽ ۾ بلڪل به گنجائش ناهي رهي. ان کان پوءِ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پيالو پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ جيڪو کير بچيو هو رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بسم الله پڙهي پي ڇڏيو.[1] (بخاري جلد 2 ص 955 کان 956 باب ڪيف ڪان عيش النبي)


 

 



[1]   (صحيح البخاري، ڪتاب الرقاق، باب ڪيف ڪان عيش النبي ... الخ، الحديث: 6452، ج 4، ص 234)