Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

اِنْ شَــآءَالـلّٰـه، 24 نومبر2019، متوقع 26 ربيع الاول آچر جي ڏينهن 02:00 وڳي ايندڙ ڏينهن صبح 05:00 وڳي تائين ٽيلي ٿون (Telethon) جو سلسلو ٿيندو. پاڪستاني ڪرنسي جي مطابق في يونٽ:10 هزار روپيه جو هوندو.

پياري آقا، ٻنهين جهانن جي داتا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ غيب نشان آهي :”آخري زماني ۾ دِين جو ڪم به دِرهم ۽ دِينار سان ٿيندو۔“ (المعجم الڪبير، ۲۰/۲۷۹،حديث:۶۶۰،ملخصاً) اڄ جي دور جا جيڪي تقاضا  آهن اهي ڪنهن سان لڪيل نه آهن، ان ڪري دِين جي ڪمن ۾ تعاون جي لاءِ پنهنجي صدقات، عطيات ۽ خيرات وغيره سان تعاون فرمايو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه اوهان جو ڏنل صدقو دنيا ۽ آخرت ۾ کوڙ فائدن جو سبب بڻجندو،

اِمامِ اهلسنّت، مجدّدِدِين و ملّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فتاويٰ رضويه جلد 23،صفحي 152 تي صدقي جي فضيلتن بابت حديث مبارڪ مان حاصل ٿيل جيڪي فائدا ذڪر ڪيا آهن، تنهن ۾ هي به آهن: ٭ الله پاڪ جي حڪم سان (صدقو ڏيندڙ) بُري موت کان بچندا، ستّر دروازا بُري موت جا بند ٿيندا۔ ٭ ان(صدقو ڏيندڙ) جون عُمرون گھڻيون ٿينديون۔ ٭ (صدقو ڏيندڙن وٽ) رزق جي وسعت، مال جي گھڻائي ٿيندي، ٭ (۽ صدقو ڏيندڙ) صدقو ڏيڻ جي عادت سبب ڪڏهن به محتاج نه ٿيندا۔ ٭ (صدقو ڏيندڙ) خير و برڪت ماڻيندا۔ ٭ (صدقو ڏيندڙن کان) آفتون بلائون پري ٿينديون، ٭ (صدقو ڏيندڙن کان) بُري قضا ٽرندي، ٭ (صدقو ڏيندڙن کان) ستر (70) دروازا برائي جا بند ٿيندا، ٭ (صدقو ڏيندڙن کان) ستر(70) قِسم جون بلائون پري ٿينديون۔ ٭ (صدقو ڏيندڙن سان) مددِ الٰهي شامل ٿيندي۔ ٭ رحمتِ الٰهي انهن (يعني صدقو ڏيندڙن) جي لاءِ واجب ٿيندي۔ ٭ ملائڪه اُنهن (يعني صدقو ڏيندڙن) تي درود موڪليندا۔

ان کان علاوه به کوڙ دِيني ۽ دنيوي فائدا آهن جيڪي صدقي ڏيڻ سان حاصل ٿين ٿا، تنهنڪري ضرور بالضرور اوهان پاڻ به ٽيلي ٿون مهم ۾ تعاون