Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

رَوئي رهيو آهيان ته مان ڪپڙو ٺاهڻ جو فَن ڄاڻان ٿو، مون اهو ڪپڙو بنائڻ ۾ پُوري محنت ڪئي، پنهنجي طرفان هن ۾ ڪو عيب رهڻ نه ڏنو، پوءِ جڏهن مان ڪپڙي جي عيب ڄاڻڻ واري وٽ آيس ته ان هن ڪپڙي جا ڪيئي عيب ظاهر ڪري ڇڏيا، جڏهن ڪپڙي جي صُورتِ حال اهڙي آهي ته منهنجي نيڪ عملن جو ڇا ٿيندو؟ جڏهن منهنجا نيڪ عمل الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيا ويندا ته خبر ناهي انهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا عيب ظاهر ٿيندا جن کان مان اڄ تائين بي خبر آهيان۔ (منہاج العابدین، چھٹا باب ، صفحہ:472)

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو اسان جا عمل هن لائق نه آهن جو اسان پنهنجي عملن جي ذريعي جنّت ۾ پهچي سگھون، صِرف الله پاڪ جي رحمت! انهيء تي ڀروسو آهي، ان جي فضل وڪرم ئي سان جنّت نصيب ٿيندي۔

عَدْل کَرَیْں تَاں تَھر تَھر کمبَنْ اُچیاں شاناں والے

فَضْل کَرَیْں تَاں بخشے جاوَنْ میں جَہَے مُنہ کالے

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                            صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اڳوڻين اُمّتن ۾ هڪ بزرگ هو، سمنڊ جي وچ ۾ هڪ جبل تي اڪيلو رهندو هو، الله پاڪ ان جي لاءِ ڏاڙهون جو هڪ وڻ پيدا ڪيو هو ۽ هڪ مٺي پاڻي جو چشمو ڪڍيو هو، هو ڏاڙهون کائي پاڻي پيئي ڏينهن رات الله پاڪ جي عبادت ڪندو هو، انهيء حال ۾ 5 سَو سال گذري ويا۔ آخرڪار ان جو آخري وقت آيو، حضرت عزرائيل عَلَيه السَّلَام آيا، ان بزرگ عرض ڪيو: ايتري مهلت ڏيو جو مان وُضُو ڪري 2 رڪعت نماز ادا ڪيان، جڏهن آخري رڪعت جو سجدو ڪيان ته رُوح قبض ڪري وٺجان۔ حضرت عزرائيل عَلَيه السَّلَام جن فرمايو: ٺيڪ آهي، مان توهان جي لاءِ ايتري اجازت آندي آهي۔ پوءِ ان وُضو ڪيو، 2 رڪعت نماز پڙھي، ٻي رڪعت جي سجدي ۾ هئا جو رُوح