Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

قبض ڪيو ويو۔

اهي اڃا تائين سجدي ۾ آهن ۽ بدن به سلامت آهي۔ حضرت جبريل عَلَيه السَّلَام بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: اسان جڏهن آسمان تان لهندا آهيون يا آسمان ڏانهن ويندا آهيون ته ڏسندا آهيون ته اهي بزرگ انهيء طرح سجدي جي حالت ۾ آهن۔

حديثِ پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ان خُدا جي ٻانهي کي قيامت جي ڏينهن جڏهن بارگاھ الٰهي ۾ پيش ڪيو ويندو، الله پاڪ ملائڪن کي حڪم ڏيندو: اِذْھَبُوْا بِعَبْدِي اِلٰي جَنَّتِي بِرَحْمَتِي منهنجي ٻانهي کي منهنجي رحمت سان جنت ۾ وٺي وڃو!

ان وقت ان جي وات مان هي الفاظ نڪرندا:”الٰهي! منهنجي عمل سبب۔“ يعني مون عمل ئي اهڙا ڪيا آهن جو مان پنهنجي عملن ئي جي ڪري جنت جو حقدار آهيان۔ حڪمِ الٰهي ٿيندو: ان کي واپس وٺي اچو! ميزان تي بيهاريس! هاڻي ان جي 5 سو سال جون عبادتون هڪ پلڙي ۾ رکيون وينديون ۽ دُنيا ۾ 5 سَو سال تائين ان کي جيڪي نعمتون عطا ٿيون انهن مان صِرف هڪ نعمت ”اک“ کي ٻئي پلڙي ۾ رکيو ويندو ته صِرف اک جو وزن 5 سَو سال جي عبادتن کان وڌي ويندو، هاڻي حڪم ٿيندو: منهنجي ٻانهي کي منهنجي عدل سان جهنّم ۾ وٺي وڃو!

هاڻي اهو گھٻرائجي عرض ڪندو: نه اي رَبّ! بلڪ تنهنجي رحمت سان۔ ارشاد ٿيندو: اِذْھَبُوْا بِعَبْدِی اِلٰی جَنَّتِیْ بِرَحْمَتِی منهنجي ٻانهي کي منهنجي رحمت سان جنّت ۾ وٺي وڃو! (مستدرک علی الصحیحین، کتاب التوبۃ، حکایۃ عابد، جلد:5، صفحہ:356، حدیث:7712)

الله اَڪبَر! اي عاشقانِ رسول! پنهنجي نمازن تي ناز ڪرڻ وارن جي لاءِ، پنهنجي روزن تي مان ڪرڻ وارن جي لاءِ، پنهنجي حج ۽ عمرن تي آڪڙ ڏيکارڻ وارن جي لاءِ، صدقي ۽ خيرات وغيره تي خود پسندي جو شڪار ٿيڻ