Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جو هڪ جبل وٽان لنگھڻ ٿيو، پاڻ ڏٺائون ته اتي هڪ شهر آهي، الله پاڪ ان شهر کي بي شُمار نعمتن سان نوازيو آهي، اتي باغ آهن، ڦل، ميوا آهن، اتي جي رهواسين وٽ چوپايو مال به آهي ۽ سڀئي الله پاڪ جي اطاعت ۽ عبادت ڪندي خوش حال زِندگي گذاري رهيا آهن، ان شهر وارن جڏهن الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام کي ڏٺو ته سندن نهايت تعظيم ڪئي ۽ وڏي احترام سان پيش آيا۔

3 سال کان پوءِ حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جو ٻيهر ان هنڌان لنگھڻ ٿيو ته پاڻ اهو ڏسي حيران ٿي ويا ته ان شهر جا باغ ۽ گھر اُجڙي ويا آهن، نهرون ۽ چشما خشڪ ٿي چڪا آهن، هاڻي نه اتي گل ۽ ميوا آهن، نه جانور، نه ڪو انسان اتي رهي ٿو۔ اهڙي خوش حال شهر جو اهڙو شڪسته حال ڏسي حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: الٰهي! هن شهر جا ماڻهو ڪهڙي مصيبت ۾ گرفتار ٿيا؟ انهن جي وڻن، چشمن ۽ عمارتن جي بربادي جو ڪهڙو سبب ٿيو؟ ان کي بري نظر لڳي؟ يا ڪنهن انهن تي جادُو ڪري ڇڏيو؟ ڪنهن دُشمن انهن کي شڪست ڏني يا تنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڇڏڻ جي انهن کي سزا ملي آهي؟ حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جي هن عرض تي حضرت جبريل امين عَلَيه السَّلَام حاضِر خدمت ٿي عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي عَلَيه السَّلَام! هن شهر کي نه ته نظر لڳي، نه انهن الله پاڪ جي اطاعت تَرڪ ڪئي، نه انهن تي جادُو ڪيو ويو، انهن جي بربادي جو اَصل سبب اهو ٿيو جو هڪ ڏينهن هن شهر مان هڪ بي نمازي لنگھيو هو، ان هنن جي حوض مان منهن ڌوتو هو، ان بي نمازي جي چهري تي لڳڻ واري پاڻي جي اها نحوست ٿي جو هن شهر جا چشما سڪي ويا، ان جا باغ ويران ٿي ويا ۽ اهو شهر اُجڙي ويو۔ پوءِ حضرت جبريل عَلَيه السَّلَام عرض ڪيو: اي عيسيٰ عَلَيه السَّلَام! اوهان بي نمازي جي دُنياوي نحوست ته ڏسي ورتي، قيامت جي ڏينهن جهنّم کي بي نمازين ئي سان ڀريو ويندو۔