Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

جيڪي بُک وچان روئيندا هئا، ڪم ڪو خاص نه ملي رهيو هو، آخِرڪار  هڪ ڏينهن ٻار کير جي لاءِ رَوئي رهيا هئا، والِد ۽ والِده کان انهن جو روئڻ نه ڏٺو ويو ۽ انهن پنهنجي ئي ٻارن کي پنهنجي ئي هٿان قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ به خودڪشي ڪري حرام موت مري ويا۔

الله جي پناھ! الله جي پناھ! يقيناً انهن ٻنهي جو پنهنجي ٻارن کي قتل ڪرڻ به گناھ ڪبيره آهي ۽ خود ڪشي ڪرڻ به ناجائز ۽ حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي پر ان سان گڏوگڏ خاص ڪري انهن جي پاڙيسرين ۽ ٻين مسلمانن جي لاءِ انهن جو اهو عمل عبرت جو سامان آهي! جيڪڏهن اسان پنهنجي پاڙيسرين جي سار سنڀار لهڻ وارا بڻجي وڃون، مسڪينن جي خبرچار وٺون، توفيق مطابق انهن جي مدد ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ته شايد اسان ويچارن غريب مسلمانن کي اهڙو قدم کڻڻ کان روڪي سگھون ٿا۔ اي عاشقان رسول! اسان پنهنجي معاشري مان غربت جو خاتمو نه به ڪري سگھون ته گھٽ مان گھٽ اسان پنهنجي ڪجھ پيسن جي ذريعي غريبن جي بُک ۾ ڪجھ ته ڪمي ڪري ئي سگھون ٿا۔ افسوس! غريبن مسڪينن جي مدد نه ڪرڻ اهو ڪافِرن جو شعار هو، پر هاڻي ڪيئي اهڙا ڪافِر آهن جيڪي ويلفيئر سوسائيٽيون هلائن ٿا پر ياد رکو! ڪافِرن جا اهي عمل دُنيا تائين آهن، انهن کي اهڙن عملن جو بدلو دُنيا ئي ۾ ڏنو ويندو، آخرت ۾ انهن جو ڪو حصّو نه آهي پر مسلمان جي لاءِ ته الحمد لله! دُنيا ۾ به اَجر آهي ۽ آخرت ۾ به جنّت جون اعليٰ نعمتون آهن، بيشڪ صدقو ۽ خيرات ڪرڻ وارا ڪن به ٿا، غريبن جي مدد به ڪن ٿا پر اهو ڪم صِرف ڪجھ ماڻهن جي لاءِ نه آهي، بلڪ سڀني مسلمانن جو آهي، هر مسلمان کي گھرجي ته ڪجھ نه ڪجھ صدقو ۽ خيرات لازمي ڪري، جيڪو غريب آهي ان کي به گھرجي ته صدقو ۽ خيرات جو ذهن بڻائي۔

الحمد لله! اسان جو دينِ اسلام ته اسان کي ايثار، قرباني، همدردي جو درس