Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

اسان جو گھر بد عملي سان گڏوگڏ بد عقيدگي ڏانهن وڃي رهيو هو، هڪ ڏينهن اسان سڀئي گھروارا گڏجي T.V ڏسڻ ۾ مشغول هئاسين ته منهنجو ننڍو ڀاءُ جيڪو دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ وڃڻ لڳو هو، اهو T.V ڏانهن پُٺي ڪري ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي ڪا شيءالماڙي مان ڪڍي ساڳي انداز تي واپس موٽيو، ان جي اها عجيب و غريب حرڪت ڏسي مان رڙ ڪئي ڇا تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي جو اڄ اها ٻاراڻي حرڪت ڪري رهيو آهين! هو جوابي ڪاروائي ڪرڻ بغير ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو۔ والده صاحبه فرمايو ته هن مون کي ٻڌايو آهي ته اُن قسم کنيو آهي ته آئنده ڪڏهن T.V ڏانهن نه ڏسندس! مون ڪاوڙ وچان ننڍي ڀاءُ کان ڳالھ ٻولھ بند ڪري ڇڏي۔ ان گھر ۾ سڀني کي گڏ ڪري فيضانِ سنّت جو درس جاري ڪيو۔ مان ان ۾ نه ويهندو هئس، هڪ ڏينهن مان قريب ٿي ويهي رهيس ته ٻڌان ته سهي ته درس ۾ هي ڇا چوي ٿو، درس ٻڌو ته مون کي سٺو لڳو، لهٰذا مان روزانه گھر درس ۾ شريڪ ٿيڻ لڳس، آهسته آهسته منهنجي دل جي ڪاراڻ پري ٿيڻ لڳي، ايستائين جو مان دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ حاضري ڏيڻ لڳس، الحمدلله عقل ٺڪاڻي اچي ويو، بدمذهبن جي صحبت کان جان ڇڏائي ۽ چهري تي ڏاڙھي سجائي ورتي، اسان جي چار ڪمرن ۾ T.V رکيل هئا، الحمد لله گڏجي مشوري سان چار ئي T.V گھران ڪڍي ڇڏيا۔

بری صحبتوں سے کنارہ کشی کر                             اور اچھوں کے پاس آکےپا مدنی ماحول

تمہیں لطف آ جائے گا زندگی کا                           قریب آ کے دیکھوذرا مدنی ماحول

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي