Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
حاضِري جو تصور جيڪڏهن اسان جي ذهنن ۾ سمائجي وڃي ته اسان صحيح معني ۾ مسلمان ٿي وڃون، اسان جو اُٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ، زندگي گذارڻ جو انداز بلڪل ئي بدلجي وڃي ڇوته قيامت جو تصور ڪرڻ سان دِل نَرم ٿي پوندي آهي، گُنَاهن سان نفرت ٿيندي آهي ۽ نيڪين جي رغبت نصيب ٿيندي آهي، انهيء ڪري بزرگ سڳورا روزانو ڪجھ وقت موت ۽ قبر و آخرت جي باري ۾ غور ويچار ڪرڻ جي نصيحت ڪئي آهي، حديثِ پاڪ ۾ اهڙي ئي فِڪر بابت ارشاد ٿيو: گھڙي کن غور و فڪر ڪرڻ سڄي رات قيام ڪرڻ کان بهتر آهي۔
حضرت ابراهيم تيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي باري ۾ منقول آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ تصور ڪيائون ته پاڻ جهنّم ۾ آهن ۽ باھ جي زنجيرن ۾ ٻڌل آهن، ٿوهر (يعني زهريلو ڪنڊيدار وڻ) کائي رهيا آهن ۽ دوزخين جي پونء پي رهيا آهن، هن تصور کان پوءِ پاڻ کان پڇيائون: ٻڌايو توکي ڇا کپي (جهنّم جو عذاب يا ان کان نجات)؟ نفس چيو: (نجات گھرجي، ان ڪري) مان چاهيان ٿو ته دُنيا ۾ واپس موٽي وڃان ۽ اهڙا عمل ڪيان جنهن جي ڪري مون کي دوزخ مان نجات ملي وڃي۔ ان کان پوءِ پاڻ اهو تصور ڪيائون ته جيئن پاڻ جنت ۾ آهن، اتي جا ميوا کائي رهيا آهن، جنتي نهرن جو مشروب پي رهيا آهن، اهو تصور ڪرڻ کان پوءِ پاڻ کان پڇيائون: اي نفس! توکي ڪهڙي شيء جي خواهش آهي (جنت جي يا دوزخ جي)؟ نفس چيو: (مون کي جنت جي خواهش آهي، ان ڪري) مان چاهيان ٿو ته دُنيا ۾ وڃي نيڪ عمل ڪري اچان ته جيئن جنت جون کوڙ نعمتون ماڻيان۔ ان کان پوءِ پاڻ کي چيائون: اي نفس! في الحال تو کي مهلت مليل آهي (يعني اڃا تون دُنيا ئي ۾ آهين، نيڪ عمل ڪري جنت جي تياري ڪر)۔ (حلیۃالاولیاء، یزید بن شریک التیمی، جلد:4، صفحہ:235، رقم:3561)
کچھ نیکیاں کما لے، جلد آخرت بنا لے
کوئی نہیں بھروسہ اے بھائی زندگی کا
(وسائل بخشش، صفحہ:178)