Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
جيڪڏهن اسان 72 نيڪ اعمال وارو رسالو حاصِل ڪري ۽ ان جي ذريعي پنهنجي سڄي ڏينهن جي عملن جو جائِزو وٺڻ جي عادت بڻايون ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! ان جي برڪت سان به باجماعت نماز جي عادَت پَڪي ٿي ويندي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
”اَوقاتُ الصَّلوٰة“ موبائل ايپلي ڪيشن
اي عاشقان رسول! الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اِسمَارٽ فون (smartphone) جي ذريعي به عِلمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ هن حوالي سان دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ طرفان مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز جاري ڪيون ويون آهن، انهن مان هڪ ايپلي ڪيشن آهي:Prayer Times (يعني اَوقاتُ الصّلوٰة) ۔ هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان نمازن جا اَوقات معلوم ڪري سگھجن ٿا، هن ۾ ڪمپاس به ڏنو ويو آهي، جنهن جي مدد سان قبلي جي دُرست سمت معلوم ڪري سگھجي ٿي، ان کان عِلاوه ڊيجيٽل تسبيح، اسلامي ڪيلنڊر، مختلف اَوراد ۽ وَظائِف وغيره به شامِل آهن۔ اوهان به پنهنجي موبائل ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ