Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

جي رَحمت وسي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔ (جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220)

سُنّت کے مطابق میں ہر اِک کام کروں کاش!                            تُو پیکرِ سُنَّت مجھے اللہ بنا دے

(وسائل بخشش، صفحہ:118)

مصافحو ڪرڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): پاڻ ۾ مصافحو ڪيو (يعني هٿ ملايو) هن سان بُغض ۽ ڪينو پري ٿيندو آهي۔ (موطا امام مالک، کتاب:حسن الخلق، باب:ماجاء فی المھاجرۃ، صفحہ:483، حدیث:1731) (2): ٻه مسلمان پاڻ ۾ ملن ۽ هٿ ملائن ته انهن ٻنهي جا گُنَاھ ڇَڻي ويندا آهن۔ (کنزالعمال، کتاب:الصحبۃ، جزء:9، جلد:5، صفحہ:57، حدیث:25363)

اي عاشقانِ رسول! سلام ڪرڻ وقت پاڻ ۾ هٿ ملائڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي * اسان جا آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاقات جي وقت صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان سان سلام ڪندا ۽ ٻنهي هٿن سان مُصَافحو (يعني هٿ ملائيندا) هئا۔

ياد رهي! * مصافحو ٻن هٿن سان سنتِ مبارڪه آهي، هڪ هٿ ملائڻ سنت نه آهي۔ * ڪي ماڻهو صرف آڱريون پاڻ ۾ ٽڪرائيندا آهن، اهو به سنت نه آهي۔ (101مدنی پھول، صفحہ:8) * هٿ ملائڻ مهل وچ ۾ رُومال وغيره جو حائل هئڻ به سنت نه آهي بلڪه تري سان تري ملڻ گھرجي۔ * مصافحو ڪرڻ وقت آڱوٺي کي معمولي ڌٻائڻ گھرجي، هن ۾ حڪمت اها آهي ته آڱوٺي ۾ هڪ رَڳ آهي جنهن کي پڪڙڻ سان محبت وڌندي آهي۔ * مصافحو ڪرڻ کان پوءِ ڪي ماڻهو پنهنجو ئي هٿ چمي وٺندا آهن اهو مڪروه آهي۔ (بہارِ شریعت، جلد:3، صفحہ:471ملتقطاً)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد