Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

ئي مبارڪ عمل هو، جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرض نمازون باجماعت ادا ڪندا هئا۔

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت                    ہو توفیق ایسی عطا یااِلٰہی!

(وسائل بخشش، صفحہ:102)

 پيارا  آقا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ۽  باجماعت نماز

اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْهُا بيان ڪن ٿيون: جڏهن سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب وسينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ عالي ۾ سخت بيماري حاضرِ خدمت ٿي، حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نماز جو اطلاع ڏيڻ جي لاءِ حاضر ٿيا ته ارشاد فرمايائون: ابوبڪر کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائن. پوءِ حضرت سيدنا ابوبڪررَضِىَ اللهُ عَنْهُ نماز پڙهڻ ۾ مشغول هئا ان دوران پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مبارڪ طبيعت ۾ ٿوري چاڪائي محسوس ڪئي ته اٿي ٻن ڄڻن جي سهاري جي ذريعي مسجد جي طرف اهڙي طرح تشريف کڻي ويا جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ قدم زمين تي لڳي رهيا هئا، حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن جو آواز محسوس ڪيو ته پوئتي هٽڻ لڳا، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن انهن کي اشارو ڪيو (ته پوئتي نه هٽو) پوءِ پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي کاٻي پاسي ويهي رهيا، حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بيهي ۽ رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ويهي نماز پڙهي رهيا هئا، حضرت سيدنا ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سندن جي اقتدا ۾ (يعني پويان نماز ادا) ڪري رهيا هئا ۽ ماڻهو حضرت سيدنا ابوبڪر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي پويان نماز پڙهي رهيا هئا۔ (بُخاری، کتاب:الاذان، صفحہ:237، حدیث:713)

اسان به خوب عاشقِ رسول آهيون!

اي عاشقانِ رسول! هن حڪايت مان اسان جي پياري پياري آقا، مڪي