Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
بيشڪ مسجد ۾ اچڻ، مسجد کان محبت ڪرڻ، مسجد ۾ دل لڳائڻ، پنج ئي نمازون پابندي سان باجماعت ادا ڪرڻ نيڪ شخص جي نشاني آهي، الله پاڪ اِرشاد فرمائي ٿو:
وَ ارْكَعُوْا مَعَ الرّٰكِعِیْنَ(۴۳) (پاره1،سورۂ بقره:43)
ترجموڪنزُالايمان: ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏ رڪوع ڪيو.
مُفَسِّر قرآن، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هن (يعني رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ رڪوع ڪيو) جو مطلب اهو آهي ته جماعت سان نماز پڙهو، ڇوته جماعت سان نماز اڪيلي نماز پڙهڻ کان ستاويھ (27) درجا افضل آهي. (تفسیر نعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:43، جلد:1، صفحہ:340)
پيارا اسلامي ڀائرو! هر مسلمان مَرد جيڪو عاقِل يعني عقل مند آهي، چريو نه آهي، بالغ آهي، نابالغ نه آهي، حُر يعني آزاد آهي، پهرين دَور ۾ جيئن ته باقاعده پيسن سان غُلام خريد ڪيا ويندا هئا، اهڙو غُلام نه آهي ۽ جيڪو قادِر آهي، يعني مسجد تائين پهچڻ جي طاقت رکي ٿو، اُن تي پنج ئي نمازون مسجد ۾ اچي باجماعت ادا ڪرڻ واجِب آهي، جيڪڏهن بنا ڪنهن شَرعِي مَجبُوري جي هڪ ڀيري به جماعت ڇڏيندو ته گنهگار ٿيندو ۽ جيڪر ڪيئي ڀيرا جماعت ڇڏيندو ته اهڙو شخص فاسِق آهي. (بہار شریعت، جلد:1، صفحہ:582، حصہ:3بتغیر قلیل)
۽ جيڪو شخص مسجد ۾ پهچڻ جي طاقت نٿو رکي مثال طور انڌو آهي، يا اُن جون ڄنگھون سلامت نه آهن، شديد بيمار آهي، هلي ڦري نٿو سگھي ته اهڙي شخص تي توڙي جو جماعت واجِب نه آهي، البت ان جي لاءِ به اَفضَل اهو ئي آهي ته جيئن ممڪن ٿئي مسجد ۾ اچي ۽ نماز باجماعت ئي ادا ڪري۔ الحمدلله! اسان جي آقا ۽ موليٰ، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو عام طور تي اهو