Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
صرف وڏا وڏا دعوا رهجي ويا آهن، افسوس! صحت جي باوجود ماڻهن جي جماعت ته جماعت، نماز تائين نڪري ويندي آهي!
ہر عبادت سے برتر عبادت نماز ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز
قلبِ غمگیں کا سامانِ فرحت نماز ہے مریضوں کو پیغامِ صحّت نماز
نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ رب سے دلوائے گی تم کو جنت نماز
پیارے نبی کی آنکھ کی، ٹھنڈک نماز ہے جنت میں لے چلے گی جو، بے شک نماز ہے
ڪاش...! اسان کي به پنج ئي نمازون، مسجد ۾ پهرين صَف ۾، تڪبيرِ اُوليٰ سان پڙهڻ جي سَعَادَت ملي ۽ ان جي اهڙي عادَت ٿئي جو مرڻ گھڙي تائين شَرعِي مَجبُوري جي بغير ڪڏهن هڪ جماعت به رهجي نه وڃي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم
میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت ہو توفیق ایسی عطا یااِلٰہی!
(وسائل بخشش، صفحہ:102)
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
امير المؤمنين، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: مون ٻنهي جهانن جي سردار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو ته الله پاڪ باجماعت نماز پڙهڻ وارن کي محبوب (يعني پيارو) رکي ٿو۔ (مسند احمد، جلد:2، صفحہ:309، حدیث:5112)
حضرت ابو سعيد خدرِي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بيان ڪن ٿا: الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن ٻانهو باجماعت نماز پڙھي پوءِ الله پاڪ کان پنهنجي حاجت (يعني ضرورت) جو سُوال ڪري ته الله پاڪ هن ڳالھ