Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

عالِم بنائڻ وارو ڪتاب ”بهارِ شريعت“ حاصِل ٿي وڃي، پيسا نه هئا، انتظار ڪندا رهيا، يقيناً پيسا گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هوندي، پوءِ وڃي ڪٿي اهو ڪتاب خريد ڪيو هوندو، پوءِ اهو عظيم ڪتاب خريدڻ کان پوءِ خوشِي جو عالَم اهو هو ڄڻ تمام وڏي دولت هٿ اچي وئي هجي...!! الله اڪبر! امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي ننڍپڻ مبارڪ جو اهو انداز ڪيترو انوکو ۽ پيارو آهي! الحمدلله! اڄ شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جنهن رُتبي تي پهتا آهن، عالم سڳورا فرمائن ٿا: اميرِ اهلسنت کان جڏهن ڪو مسئلو پڇيو ويندو آهي ته پاڻ ايتري گهرائي سان ان مسئلي جو تفصيل بيان ڪندا آهن، هيئن لڳي ٿو ته ڄڻ بهار شريعت جا ڪيئي باب انهن کي زباني ياد آهن ۽ فقه جي مسئلن تي وڏو عُبُور حاصل آهي.

سُبحٰنَ الله! ننڍپڻ به اهڙو باڪمال ۽ نِرالو هو ۽ اڄ به الحمد لله! سڄي دُنيا ۾ لکين عاشقان رسول شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه سان فيضياب ٿي رهيا آهن۔

امیر اہلسنت! آپ کی ہمت کیا کہنا                      جو بد کو نیک کر دے اس دعوت کا کیا کہنا

شُعُور و عِلْم و آگاہی ملے جس سے مسلماں کو          ترے پیارے نظامِ عِلْم اور حکمت کا کیا کہنا

(مناقِبِ عطار، صفحہ:13)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

صَدرُ الشَّرِيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مختصر تعارف

        اي عاشقان رسول! * مُحسِنِ اهلسنت، خليفه اعليٰ حضرت، مصنفِ بهار شريعت، حضرت علامه مولانا مفتي محمد اَمجَد علي اعظمي رضوي، سنّي، حنفي، قادري، برڪاتي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 1300سن هجري ۾ هِنڌ جي علائقي مدينةُ العُلَماء گھوسي شريف ۾ پيدا ٿيا۔ * پاڻ اِبتدائي تعليم پنهنجي ڏاڏي حضرت مولانا خُدا بخش رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان گھر ۾ حاصل ڪئي * پوءِ پنهنجي علائقي ئي ۾ مدرَسه