Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
گُنَاھ بخشيا ويندا آهن۔ (شُعَب الایمان، فصل :المصافحہ، جلد:6، صفحہ:471، حدیث:8944)
پڑھتا رہوں کثرت سے درود اُن پہ سَدا میں اور ذِکْر کا بھی شوق پئے غوث و رضا دے
(وسائِلِ بخشش، صفحہ:114)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ چڱي نيت انسان کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ ) جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284 (
اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡمِ دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي: ”27 نمازن جو ثواب“ يعني اڄ جي بيان ۾ اسان اِن شَآءَ اللهُ الڪرِيم! باجماعت نماز جون فضيلتون ۽ برڪتون ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين، پر جيئن ته ذوالقَعدَة الحَرام جو مهينو هلي رهيو آهي ۽ هن مبارڪ مهيني جي 2 تاريخ تي عِلمي دنيا جي هڪ عظيم هستي، صَدرُ الشَّرِيعه، بَدرُ الطَّرِيقه، حضرت عَلَّامه، مولانا، مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو عُرسِ پاڪ ملهايو ويندو آهي، لهٰذا صَدرُ الشَّرِيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو فيضان حاصِل ڪرڻ جي لاءِ شروع ۾ اسان صَدرُ الشَّرِيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو