Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
اي عاشقانِ رسول! موت ته سڀني کي اچڻو ئي اچڻو آهي پر صَدرُ الشَّرِيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مُقَدَّر ڏسو ته حج جي سَفر دوران سندن سَفرِ آخرت جو آغاز ٿيو ۽ حديثِ پاڪ جي مُطَابق جيڪو شخص حج جي لاءِ گھران نڪري ۽ رستي ۾ موت اچي وڃي ته قيامت تائين ان جي لاءِ حج ڪرڻ واري جو ثواب لکيو ويندو۔ (مُسند ابو یعلی، جلد:5، صفحہ:44، حدیث:6350)
مدینے کا مسافر ہند سے پہنچا مدینے میں قدم رکھنے کی بھی نوبت نہ آئی تھی سفینے میں
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
صَدرُ الشَّرِيعَه جو ذَوقِ نماز
اي عاشقانِ رسول! صَدرُ الشَّرِيعَه، مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نماز سان تمام گھڻي محبت ڪرڻ وارا هئا، سَفر ۾ هجن يا گھر ۾، ڪڏهن به نماز قضا نه ڪندا هئا، شَدِيد کان شَدِيد بيماري جي حالت ۾ به نماز ادا ڪندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اجمير شريف ۾ هئا ته پاڻ کي شديد بُخَار ٿي پيو، ايستائين جو بي هوش ٿي ويا، منجھند کان پهريان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيهوش ٿي پيا ۽ عصر تائين انهيءَ حال تي رهيا۔ حافِظ ملّت مولانا عبدُالعزيز مبارڪ پُوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه صَدرُ الشَّرِيعَه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو شاگرد آهي، هو به سندن خدمت لاءِ حاضِر هو، صَدرُ الشَّرِيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي جڏهن هوش آيو ته سڀ کان پهريان اهو پڇيائون: وقت ڇا ٿيو آهي؟ ظهر جو وقت آهي يا نه؟ حافِظ ملَّت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وقت ٻڌايو ۽ عرض ڪيائين: هينئر ظهر جو وقت نه آهي۔ اهو ٻڌي صَدرُ الشَّرِيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ايتري تڪليف پهتي جو اکين مان لُڙڪ وهڻ لڳا۔ حافِظِ مِلَّت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عرض ڪيو سائين...!! ڇا ڪٿي ڪو دَرد آهي؟ ڪٿي تڪليف ٿي رهي آهي؟ فرمايائون: (تمام وڏي) تڪليف آهي ۽ اها هيءَ ته ”ظهر قضاء ٿي وئي“ حافِظِ مِلَّت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عرض ڪيو: سائين! توهان بيهوش هئا، بيهوشِي جي صورت ۾ نماز قضا ٿيڻ تي ڪو مؤاخذو (يعني قيامت ۾ پڇا ڳاڇا) ناهي۔ پنهنجي شاگرد جو اهو تسلي ڏيندڙ جملو ٻڌي صَدرُ الشَّرِيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪو