Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

يعني توڙي جو هاڻي پهريان جھڙا حالات نه آهن (مثال طور هاڻي گُنَاهن جا سبب وڌيڪ ۽ نيڪين جو جذبو گھٽجي ويو آهي) پر ڏسو ته زمين به اها ئي آهي، آسمان به اهو ئي آهي (يعني انهيءَ جهان ۾ صحابه ڪرام ۽ بزرگانِ دين نيڪين ڀري زِندگي گذاري آهي)، لهٰذا الله پاڪ جي حڪم سان اُٿو ۽ دِينِ اسلام جي ڪامِل پيروي شروع ڪري ڇڏيو...!! ها! ها! غور ته ڪيو...! اهي ئي نيڪ مسلمان جن سڄي دُنيا ۾ ڪلمهءِ حق جي ڌُوم مچائي آهي، توهان ان ئي مسلمانن جو اَولاد آهيو، توهان جي رڳن ۾ به اهو ئي رت آهي۔ بَس الله پاڪ جي حڪم سان اُٿو ۽ ٻيهر دُنيا ۾ دِينِ حق جي ڌُوم مچائي ڇڏيو...!! الله پاڪ اسان کي دينِ اسلام تي صحيح معني ۾ عمل ڪرڻ ۽ باجماعت نماز جي پابندي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافله

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ، نيڪين جو جذبو وڌائڻ ۽ باجماعت نماز جي عادَت پڪي ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، الله پاڪ جي فضل سان، اُن جي پياري حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي احسان ۽ اَولياءِ ڪرام جي فيضان سان دعوت اسلامي الحمد لله! مسجِد ڀريو تحريڪ آهي، الحمد لله! دعوتِ اسلامي مسجدون بڻائي به ٿي ۽ انهن کي آباد به ڪري ٿي۔ اوهان به دعوتِ اسلامي سان گڏجي ”پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش“ ۾ لڳي وڃو، خوب وڌ کان وڌ 12 ديني ڪمن ۾ حِصو وٺو ۽ دُنيا و آخرت جون برڪتون ماڻيو!

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدني قافله۔ الحمد لله! سڄي دنيا ۾ عاشقانِ رسول سُنتن جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ مدني قافلن ۾ سَفَر ڪندا رهن ٿا، اوهان به عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سَفَر جي عادَت بڻايو۔