Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

سان ملائي بيهي رهندا آهن، نه رنگ ۽ نسل جو امتياز باقِي رهندو آهي، نه عهدي ۽ منصب جو امتياز هوندو آهي، سڀ رنگ ۽ نسل، عهدي ۽ منصب جو فرق مٽائي هڪ امام جي پيروي ڪري رهيا هوندا آهن، امام صاحب جي اِقتداء ۾ نماز پڙهڻ وارا چاهي 5 افراد هجن، چاهي 5 هزار هجن، سڀئي گڏجي امام صاحب جي پيروي ڪري رهيا هوندا آهن، امام صاحب تڪبير چوندو آهي ته سڀئي ”الله اڪبر“ چئي هٿ ڪنن تائين کڻي دن جي هيٺ ٻڌندا آهن، امام صاحب رڪوع ۾ ويندو آهي ته سڀئي رڪوع ۾ هليا ويندا آهن، امام صاحب سجدو ڪري ته سڀئي سجدي ۾ هليا ويندا آهن، امام صاحب سلام ورائي ته سڀئي گڏجي سلام ورائيندا آهن، اهو آهي اسلام جو سيکاريل بي مثال، باوقار نظم و ضبط...!!

ایک ہی  صَفْ میں کھڑے ہو گئے محمود و ایاز         نہ کوئی بندہ رہا نہ کوئی بندہ نواز

بندہ و صاحب و محتاج و غنی ایک ہوئے               تیری سرکار میں پہنچے تو سبھی ایک ہوئے

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

باجماعت نماز جي  هڪ  عجيب  حڪمت

  * اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي والِد محترم، مولانا مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه باجماعت نماز جي هڪ عجيب حڪمت بيان ڪئي آهي، سندن فرمان جو مفهوم آهي: جڏهن ڪنهن حڪيم صاحب وٽ دواء وٺڻ جي لاءِ ويندا آهيون ته حڪيم صاحب مختلف قسم جون جڙي ٻوٽيون ملائي مَعجُون تيار ڪري اسان کي ڏيندو آهي، (اڄڪلھ به ڊاڪٽر حضرات هڪ مرض جي لاءِ ڪيئي ڪيئي Tablet ڏين ٿا، انهن ۾ هر Tablet جو فارمولو مختلف هوندو آهي) اهڙي طرح حڪيم حضرات جيڪي ديسي جڙي ٻوٽيون ملائي معجون تيار ڪن ٿا، انهن ۾ هر جڙي ٻوٽي جو ڪم الڳ هوندو آهي، پر جڏهن اهي جڙي ٻوٽيون ملي وينديون آهن ته وڌيڪ بهتر انداز سان مرض جو مقابلو ڪري ان مرض کي پاڙان ختم ڪنديون آهن۔ اهڙي طرح نماز به ڄڻ هڪ دوا آهي، جيڪا مُعَاشري کي بُرائي