Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

نشئي جي اِصلاح ٿي وئي

ڪراچي جو هڪ شخص ننڍي هوندي کان نشي جو عادي هو، صُبح ناشتي جي بدران چرس ۽ هيروئن جو نشو ڪندو هو، ڪيئي ڀيرا ڊاڪٽرن وٽان علاج ڪرايو پر نشي جي عادت ختم ڪانه ٿي سگهي، ٻين گُناهن جي دلدل ۾ به ڦاٿل هو، شادي کان پوءِ گھرواريء ۽ ٻار به ان جي ڪري پريشان رهندا هئا، ڪنهن نموني رَبِيع الاوّل ۾ عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه ڪراچي ۾ پهتو، اتي هڪ وڏي عمر جي مبلغ دعوتِ اسلامي ان تي شفقت ڪئي ۽ ان جو ذهن بڻيو ته مان 12 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪندس، مَدَني قافلي ۾ شُروع شُروع ۾ ان کي نشو نه ڪرڻ تي تڪليف ته ٿي، نه چڱي طرح ننڊ ايندي هئي، نه بک لڳندي هئي، پر هو عبادت ۾ لڳل رهيو ۽ روئي روئي پنهنجي گُناهن جي معافي گھرندو رهيو، چار يا پنج ڏينهن کان پوءِ ان کي بُک لڳڻ شروع ٿي ۽ رات ۾ ننڊ به اچڻ لڳي، مَدَني قافلي ۾ سفر جي برڪت سان نشي مان ان جي جان ڇُٽي، بلڪ هو پنج وَقت جي فَرض نماز بلڪه تَهجُّد ۽ اِشراق و چاشت به پڙهڻ لڳو، مٿي تي عمامو شريف به سجائي ورتو، ان جو چوڻ آهي ته دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچي مون کي هڪ نئين زندگي ملي الحمد لله منهنجا ٻار بچا پڻ هاڻي مون کان خوش آهن۔

اے شرابی تو آ، آ جُواری تو آ                             چُھوٹیں بَد عادتیں قافلے میں چلو

 پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي ۽ باجماعت نماز جو پابند بڻجڻ جو هڪ طريقو ته اهو آهي ته عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سَفَر ڪيو وڃي، ان جو هڪ طريقو اهو به آهي ته شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو عطا ڪيل ”72 نيڪ اَعمَال“ جو رِسالو حاصِل ڪيو وڃي ۽ باقاعدگي سان ڪو وقت مقرر ڪري روزانو پنهنجي عملن جو جائزو وٺندي ان جا خانا ڀريا وڃن، الحمد لله! 72 نيڪ اَعمَال ۾ به ”باجماعت نماز“ وارو نيڪ عمل شامِل آهي،