Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
اچي ويو آهي جو بيشُمار نمازي به هاڻي جماعت جي پرواھ نٿا ڪن بلڪه ڪڏهن نماز به قضا ٿي وڃي ته انهن کي ڪنهن قسم جو رَنج ناهي ٿيندو، جڏهن ته بزرگانِ دِين جي حالت اها هئي جو جيڪڏهن انهن مان ڪنهن جي تڪبير اُوليٰ فوت ٿي ويندي هئي ته ٽي ڏينهن ۽ جماعت فوت ٿي ويندي هئي ته ان جو 7 ڏينهن تائين غم ڪندا هئا۔ (مکاشفۃ القلوب، صفحہ:400)
صحابي ابنِ صحابي حضرتِ عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا جي باري ۾ منقول آهي ته جيڪڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي جماعت نڪري ويندي هئي ته ٻي نماز تائين نفل پڙھندا رهندا هئا۔ هڪ روايت ۾ آهي: جڏهن سندن عشا جي جماعت فوت ٿي ويندي هئي ته سڄي رات عبادت ۾ گذاري ڇڏيندا هئا۔ (الاصابہ، جلد:4، صفحہ:160)
تابعي بُزُرگ حضرتِ سيدُنا سعيد بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي جڏهن جماعت نڪري ويندي هئي ته پنهنجي ڏاڙھي جھلي روئڻ لڳندا هئا۔ (ابن عساکر، جلد:21، صفحہ:203)
پنج وقت جي باجماعت نماز جون فضيلتون
اي عاشقانِ نماز! صحابه ڪرام ۽ اولياءِ عُظَّام جي باري ۾ اهو تصور به نٿو ڪري سگھجي ته اهي بزرگ ڄاڻي واڻي شرعي اجازت جي بغير جماعت ڇڏيندا هئا، ڪنهن عذر (يعني مجبوري) جي ڪري جماعت کان رهجي وڃڻ تي انهن جي اها حالت ٿيندي هئي، پر افسوس! هاڻ اسان جو هڪ تعداد بغير ڪنهن شرعي مجبوري جي جماعت ترڪ جي آفت ۾ مبتلا نظر اچي رهيو آهي ۽ جنهن جي جماعت رهجي ويندي آهي، ان کي افسوس ٿيڻ ته رهيو پري ان جي کلڻ ڳالهائڻ ۾ ڪنهن قسم جو فرق به ناهي ايندو! ڪاش...!! جماعت تَرڪ ڪرڻ وارن کي اهو اِحسَاس ٿي وڃي ته جماعت تَرڪ ڪرڻ جي صُورت ۾ اِن جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي۔ اَحَادِيث جي مطابق * فرض نماز جماعت سان ادا ڪرڻ ۾ ايمان وارو هئڻ جي گواهي آهي. * الله پاڪ باجماعت نماز پڙهڻ وارن کي محبوب (يعني پيارو) رکندو آهي. * باجماعت نماز تنها (يعني