Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
تذڪرو پڻ ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين۔ الله پاڪ اسان کي صَدرُ الشَّرِيعه، بَدرُ الطّرِيقه، مولانا، مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو فيضان نصيب فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم
یہ ساری برکتیں ہیں خدمتِ دینِ پیمبر کی جہاں میں ہر طرف ہے تذکرہ صدرِ شریعت کا
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي هڪ يادگار حڪايت
شيخ طريقت امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه پنهنجي رِسَالي ”تذڪرۂ صَدرُ الشَّرِيعه“ ۾ پنهنجي هڪ يادگار حِڪايت نقل ڪندي فرمائن ٿا: عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي ٺهڻ کان تمام گھڻو پهريان يعني منهنجي ننڍپڻ يا ان کان بعد جو واقعو آهي؛ هڪ ڏينهن مان پنهنجي وڏي ڀاءُ (مرحوم) سان غالبًا ظهر جي نماز ”بادامي مسجد“ ۾ ادا ڪري ٻاهر نڪتس، امام صاحب نماز مان فارغ ٿي مسجد کان ٻاهر اچي چڪو هو، ڪنهن ڪو مسئلو پڇيو، ان تي امام صاحب ڪنهن کي حڪم ڏنو ته وڃ! ”بهارِ شريعت“ کڻي اچ.!! ڪتاب سندن هٿن ۾ ڏنو ويو، ان ڪتاب تي وڏن اکرن سان ”بهارِ شريعت“ لکيل هو، امام صاحب ان جا صفحا (Pages) اُٿلائڻ شروع ڪيا، شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه فرمائن ٿا: مون کي ان وقت خاص پڙھڻ ته نه ايندو هو پر مختلف هنڌن تي وڏن وڏن اکرن سان لفظِ ”مسئلو“ لکيل ڏٺو، جيئن ته مسئلا ٻُڌي مون کي گھڻو سڪون ملندو هو، ان ڪري مون کي خواهش پيدا ٿي ته ڪاش! اهو ڪتاب مون کي ڪٿان ملي وڃي، پر نه مون مذهبي ڪتابن جو ڪو دُڪان ڏٺو هو، ۽ نه ئي اهو شُعور هو ته اهو ڪتاب خريد ڪري سگھجي ٿو، خير جيڪڏهن وڪامجي ها ته به مان هن کي ڪٿان خريد ڪري سگھان ها! ايترا پيسا ڪنهن وٽ هوندا هئا..!!