Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

ڪندڙ هجن، ۽ * جنهن مغرب جي نماز جماعت سان پڙهي ان کي مبرور حج ۽ مقبول عمري جو ثواب ملندو، ۽ * جنهن عشاء جي نماز جماعت سان پڙهي ان کي لَيۡلَةُ الۡقدر ۾ قيام (يعني عبادت) ڪرڻ جي برابر ثواب ملندو۔ (شُعَبُ الْاِیْمَان، بابُ: الصّبر ، جلد:7، صفحہ:137، حدیث:9761)

خدا! سب نمازیں پڑھوں باجماعت                     کرم ہو پئے تاجدارِ رسالت

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

باجماعت نماز  جون حڪمتون

اي عاشقان رسول! الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي ”باجماعت نماز“ پڙهڻ جو حڪم ڏنو آهي، عالم سڳورن ان جون کوڙ ساريون حڪمتون بيان ڪيون آهن،

 * مفسِّرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ”نمازِ باجماعت“ جي هڪ حڪمت بيان ڪندي فرمائن ٿا: جماعت جي برڪت سان قوم ۾ تنظيم (Discipline) رهندي آهي، ڇوته مسلمان پنهنجي هر ڪم جي لاءِ امام جيان صدر ۽ اَمير چُونڊي وٺن، پوءِ امير جي اهڙي اطاعت ڪن جيئن مقتدي امام جي (ڪري ٿو)۔

پيارا اسلامي ڀائرو! دُنيا مڃي ٿي، نفسيات جا وڏا وڏا ماهر هن ڳالھ کي تسليم ڪن ٿا ته ترقي، ڪاميابي صِرف انهيء قوم جو مقدر آهي جنهن قوم ۾ نظم و ضبط هوندو آهي، جتي نظم و ضبط نه هوندو آهي، اتي صِرف افراتفري، بي چيني ۽ ناڪامي هوندي آهي۔

۽ الحمدلله! نظم وضبط تي مشتمل جهڙو نظام اسان کي اسلام فراهم ڪيو آهي، اهڙو نظم و ضبط وارو باوقار نظام دُنيا ۾ ٻيو ڪٿي نه آهي۔ اسلام جي عطا ڪيل نظامِ زِندگي ۾ صِرف هڪ باجماعت نماز ئي کي ڏسي وٺو!

”باجماعت نماز“ ۾ ڪو بادشاھ هجي يا غُلام، امير هجي يا غريب، سيٺ هجي يا نوڪر، ڪو ڪارو هجي يا چٽو، سڀ هڪ ئي صَف ۾ ڪلهو ڪلهي