Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
رَحمت وسي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔ (جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220)
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو شخص ماڻهن جي وچ ۾ صُلح ڪرائيندو الله پاڪ ان جو معاملو دُرُست ڪندو ۽ ان کي هر ٻول جي بدلي ۾ هڪ غُلام آزاد ڪرڻ جو ثواب عطا ڪندو، ۽ جڏهن هو موٽندو ته پنهنجي اڳوڻن گناهن کان مَغفِرَت يافته ٿي موٽندو۔ (اَلتَّرْغِیْب وَالتَّرْھِیْب، کتاب: الادب، باب:فی اصلاح بین الناس، صفحہ:893، حدیث:9)
اي عاشقانِ رسول! مسلمان ڀائرن جو پاڻ ۾ ”صلح ڪرائڻ“ سُنتِ مصطفيٰ آهي، جيڪڏهن ڪڏهن صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان جي وچ ۾ ڪا غلط فهمي ٿيندي هئي يا ڪڏهن 2 صحابي سڳورن ۾ اڻبڻت ٿيندي هئي ته اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حڪمتِ عملي سان انهن ٻنهي ۾ صلح ڪرائيندا هئا، جيئن هڪ ڀيري غير مسلمن جي سازش سبب صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان جي ٻن وڏن قبيلن اَوس ۽ خزرج وچ ۾ تڪرار ٿيو، جڏهن سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ان جي خبر ٿي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آيا ۽ انهن جي پاڻ ۾ صلح ڪرائي، اهڙي طرح پياري آقا، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صلح ڪرائڻ جا کوڙ واقعا آهن، جن جو تفصيلي ذِڪر سيرت جي ڪتابن مثال طور *سيرتِ مصطفيٰ ۽ *سيرتِ رسولِ عربي وغيره مان پڙهي سگھجي ٿو۔
پيارا اسلامي ڀائرو! صلح ڪرائڻ بابت اهو ياد رهي ته مسلمانن جي وچ ۾ اها ئي صلح ڪرائڻ جائِز آهي جيڪا شريعت جي دائري ۾ هجي، مَدَني