Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
اُنهن جي قوم هلاڪ ٿي ويندي هئي ته اهي مڪي شريف ايندا هئا ۽ دُنيا کان موڪلائڻ تائين هتي عِبَادت ۾ مَصرُوف رهندا هئا * حضرت مُجَاهد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان رِوَايت آهي: حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ڳاڙهي رنگ جي اُٺ تي سُوار ٿي حج جي لاءِ آيا، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ڪعبي شريف جو طواف ڪيو، صَفَا ۽ مَروَھ جي وچ ۾ سَعِي ڪئي، هتي پاڻ آسمان مان هڪ آواز ٻُڌو: لَبَّيڪ عَبدِي وَ اَنَا مَعَڪ اي منهنجا ٻانها لَبَّيڪ! مان توهان سان گڏ آهيان۔ اهو ٻُڌندي ئي حضرت موسيٰ
عَلَيۡهِ السَّلَام سجدو ڪيو * صحابِي اِبنِ صحابي حضرت عبد الله بِن زُبير رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي ته بني اسرائيل جي طرف تشريف آڻيندڙ هڪ هزار انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِ السَّلَام حج جي لاءِ مڪي پاڪ آيا ۽ اهي سڀئي ”ذُو طُويٰ“ جي مقام تي پنهنجي نعلين شريف (يعني مبارڪ جوتا) لاهي مڪي شريف ۾ داخِل ٿيندا هئا۔ (سُبل الہدیٰ، جلد:1، صفحہ:209-211 خُلاصۃً)
مطلب ته: اها ڪعبي شريف ئي جي خُصُوصيت آهي جو جيترن به نبي سڳورن عَلَيۡهِ السَّلَام حج ڪيو، صِرف ۽ صِرف ڪعبي شريف ئي جو حج ڪيو، دُنيا ۾ ٻيو ڪو اهڙو مقام نه آهي جتي حج ٿيو هجي يا آئنده ڪڏهن ٿي سگھي ٿو۔
حج کا شرف ہو پھر عطا یارَبِّ مصطفےٰ میٹھا مدینہ پھر دکھا یارَبِّ مصطفےٰ
دیدے طوافِ خانۂ کعبہ کا پھر شَرَف فرما یہ پورا مُدَّعا یا ربِّ مصطَفٰے
رُخ سوئے کعبہ ہاتھ میں زَم زَم کا جام ہو پِی کر میں پھر کروں دُعا یارَبِّ مصطفےٰ
(وسائِلِ بخشش، صفحہ: 129)
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! هر اهو مسلمان جيڪو استطاعت (توفيق) رکي ٿو يعني جنهن وٽ مڪي پاڪ پهچڻ ۽ واپس اچڻ جو خرچ موجود آهي، پويان پنهنجي