Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ان وَقت ڪعبو شريف زمين جي پٿر وغيره سان ڪونه ٺهيو هو بلڪه ان عمارت جو سامان آسماني لال ياقوت هئا، پوءِ آدم عَلَيۡهِ السَّلَام ان اڏاوت ۾ ڪجھ اضافو ڪيو ۽ پاڻ به ان جو طواف ڪندا هئا ۽ ان ڏانهن منهن ڪري نماز پڙھندا رهيا، پوءِ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي صاحبزادي حضرت شيث عَلَيۡهِ السَّلَام ان جي ڪجھ مرمت ڪئي، حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي مُبَارَڪ زماني تائين ڪعبو شريف ساڳي حالت ۾ رهيو، پوءِ جڏهن طوفانِ نوح آيو، ان وَقت آسماني عمارت آسمان تي کنئي وئي، ان جو صِرف هڪ ياقُوت باقي رکيو ويو، جنهن کي حجرِاَسوَد چيو ويندو آهي ۽ زميني عِمَارت ڪِري سفيد ٽڪر جي شڪل ۾ رهجي وئي، پوءِ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جي حڪم سان ٻيهر ڪعبي شريف جي تعمير ڪئي۔ (تفسیر نعیمی،پارہ:4، آل عمران، تحت الآیۃ96، جلد:4، صفحہ:32 ، خلاصۃً)

هن روايتن مان مَعلُوم ٿيو ته زمين جي پيدائش کان 2 هزار سال پهريان زمين جو اهو حصو پيدا ڪيو ويو هو، جتي اڄ ڪعبو پاڪ آهي ۽ انسان جي پيدائش کان به 2 هزار سال پهريان ڪعبي شريف جي تعمير ٿي چڪي هئي ۽ ملائڪ ان جو حج به ڪندا هئا۔ سُبحٰنَ الله! اهو آهي ڪعبي شريف جي اول هئڻ جو شان. 

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طوفانِ نُوح کان پوءِ ڪعبي شريف جي تعمير جو  بيان

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي زماني ۾ جڏهن سخت طُوفان آيو، جنهن ۾ دُنيا غرق ٿي ۽ هڪ قول جي مُطَابق 80 افراد جيڪي حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام سان گڏ ٻيڙي ۾ سُوار هئا، صِرف اهي ئي باقِي رهيا، ان وَقت ڪعبه شريف کي آسمان تي کنيو ويو هو، هاڻي اچو! تاريخي حوالي سان اهو ڏسون ٿا ته طوفانِ نُوح کان پوءِ پهريان ڪعبي شريف جي تعمير ٿي يا مَسجِدِ اَقصٰي جي۔

هونئن ته مَسجِدِ اَقصٰي جي اڏاوت جي باري ۾ به مختلف روايتون آهن، مثال