Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

جلد:1، صفحہ:140تا141)

  خبر پئي؛ زمين تي پهريون گھر هئڻ ته گھڻو پوءِ جي ڳالھ آهي، ڪعبو شريف پُوري زمين جي اَصل آهي ڇوته زمين جو اهو حصو سڀ کان پهريان پيدا ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح تمام زمين ڦھلائي وئي۔ سُبحٰنَ الله! اهو آهي ڪعبي شريف جي اول هئڻ جو شان ..!!

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪعبي شريف جي عِمَارت ڪڏهن بڻائي وئي؟

اي عاشقانِ رسول! اهو ته مَعلُوم ٿي ويو ته زمين جو سڀ کان پهريون حصو جيڪو پيدا ڪيو ويو، اهو ئي مقام آهي جتي اڄ ڪعبو شريف مَوجُود آهي، هاڻي سُوال اهو آهي ته ڪعبي شريف جي عِمَارت سڀ کان پهريان ڪڏهن بڻائي وئي؟ هن سُوال جي جواب جي لاءِ اچو! هڪ ايمان افروز حڪايت ٻُڌون ٿا: منقول آهي ته هڪ ڀيري حضرت اِمام زَينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنۡه طواف ڪري رهيا هئا ته هڪ شخص کائنس سُوال ڪيو پر اِمام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو، ايستائين جو پاڻ طواف جا 7 ڦيرا مڪمل ڪري حطيم ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ ميزابِ رَحمت هيٺ بيهي 2 رڪعتون نماز ادا فرمايون، پوءِ سڌو ويهي رهيا ۽ فرمايائون: اهو سُوال ڪرڻ وارو ڪٿي آهي؟ ان شخص کي حاضِر ڪيو ويو، اِمام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: ڇا پڇو ٿا؟ عرض ڪيائين: سائين...!! ڪعبي شريف جو طواف ڪڏهن کان شُروع ٿيو؟ طواف ڇو شروع ٿيو؟ ڪيئن ڪيو ويندو هو؟ اِمام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان شخص کان پڇيو: ڪٿان جو رهواسي آهين؟ چيائين: مُلڪ شام جو آهيان۔ فرمايائون: مُلڪ شام ۾ ڪهڙي هنڌان؟ عرض ڪيائين: بيت المقدس جي ويجھو۔ اِمام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنۡه وري پڇيو: ڇا توهان تورات ۽ انجيل پڙھيو آهي؟ ان عرض ڪيو: جي ها! پڙھيو آهي۔ هاڻي امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان جي سُوال جو جواب ڏيندي فرمايو: اي شامي! منهنجو جواب ياد ڪيو! توهان مون کان