Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
هنن آيتن ۾ الله پاڪ ڪعبي شريف جي ڇهن صِفتن جو ذِڪر ڪيو آهي: (1) ڪعبو شريف پهرين عِبَادت گاھ آهي۔ (2) ڪعبو شريف بَرَڪت وارو آهي۔ (3) ڪعبو شريف تمام جهانن جي لاءِ هدايت جو سبب آهي۔ (4) ڪعبي شريف ۾ الله پاڪ جون واضِح نشانيون آهن۔ (5) ڪعبو شريف اَمن وارو مقام آهي ۽ (6) ڪعبي شريف جو حج ڪيو ويندو آهي۔
کعبے کی رونق کعبے کا منظر، اللہ اکبر! اللہ اکبر دیکھوں تو دیکھے جاؤں برابر، اللہ اکبر! اللہ اکبر!
دیکھا صَفَا بھی، مروہ بھی دیکھا، تیرے کرم کا جلوہ بھی دیکھا دیکھا رواں اِک سروں کا سمندر، اللہ اکبر! اللہ اکبر!
اي عاشقانِ رسول! هن هنڌ هڪ تمام ايمان افروز مدني گل آهي، اهو هي ته ڪعبو شريف ۽ مَسجِدِ اَقصٰي، اهي ٻئي تمام فضيلت وارا مقام آهن، * الله پاڪ سيپاري: 15 سوره بني اسرائيل ۾ مَسجِدِ اَقصٰي جون به فضيلتون بيان ڪيون آهن، * دُنيا ۾ 3 مسجدون سڀني مَسجدن کان اَفضَل آهن؛ (1) مَسجِد حرام (جتي ڪعبو شريف آهي) (2) مسجدِ نبوي شريف (3) ۽ فضيلت جي اعتبار سان دُنيا جي ٽين وڏي مسجد آهي: مَسجِدِ اَقصٰي۔ * مَسجِدِ اَقصٰي ۾ هڪ نماز پڙھڻ سان 50 هزار نمازن جو ثواب ملندو آهي۔ (ابن ماجہ، کتاب: اقامۃ الصلاۃ والسنۃفیھا، ماجاء فی الصلاۃ فی المسجد الجامع، صفحہ:229، حدیث:1413) * مَسجِدِ اَقصٰي انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جو قبلو آهي، * مَسجِدِ اَقصٰي اسان جو پڻ پهريون قبلو آهي، اسان جي پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هجرت کان پوءِ 17 مهينن تائين مَسجِدِ اَقصٰي ڏانهن رُخ ڪري نماز ادا ڪيائون پوءِ الله پاڪ جي حڪم سان ڪعبي شريف ڏانهن رُخ فرمايائون۔ (بخاری، کتاب:اخبار الاحاد، صفحہ:1757، حدیث:7252) * ۽ مِعراج واري مصطفيٰ، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي آسماني مِعراج واري سفر جي ابتداء به مَسجِدِ اَقصٰي ئي کان فرمائي۔ (بخاری، کتاب:مناقب الانصار، باب:المعراج، صفحہ:976، حدیث:3887)