Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
جو آغاز ٿيو، * مڪو پاڪ اهو مبارڪ شهر آهي جو الله پاڪ پنهنجي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مِعراج جي لاءِ هتان کان پنهنجي بارگاھ ۾ گھرايو ۽ آسمانن جي سير ڪرائي، * مڪو پاڪ اهو مبارڪ شهر آهي جو جتي الله پاڪ جي حبيب، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ظاهري حياتي جا 53 سال گذاريا، * مڪو شريف اهو مُبَارَڪ، مقدس شهر آهي جو الله پاڪ هن شهرِ پاڪ بابت قسم ارشاد فرمايو آهي، مثال طور هڪ هنڌ تي اِرشاد آهي:
لَاۤ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۱) وَ اَنْتَ حِلٌّۢ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۲) (پاره30،سورةالبلد:1-2)
ترجمو ڪنزالايمان: مونکي هن شهر جو قسم. جو اي محبوب تون هن شهر ۾ تشريف فرما آهين.
ڪعبو شريف برڪت ۽ هدايت وارو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪعبي شريف جو ٻيو ۽ ٽيو وَصف بيان ڪندي الله پاڪ اِرشاد فرمايو:
مُبٰرَكًا وَّ هُدًى لِّلْعٰلَمِیْنَۚ(۹۶) (پاره4،سورةآلِ عمران:96)
ترجمو ڪنزالايمان: برڪت وارو آهي ۽ ساري جهان لاءِ رهنما آهي.
علّامه محمود آلوسي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: آيت جي معني اها آهي ته ڪعبو شريف تمام ڀلائي وارو آهي، هتي هڪ نيڪي جو ثواب وڌي (هڪ لک جي برابر ٿي) ويندو آهي۔ حضرت ابن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: جيڪو ڪعبي جو حج ڪري، جيڪو ان جو طواف ڪري، جيڪو ڪعبي شريف جو اعتڪاف ڪري، ان جا گُنَاھ بخشيا ويندا آهن۔
علَّامه آلوسي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: ڪعبي شريف جي بابرڪت هئڻ جو هڪ مطلب اهو به آهي ته هتي هر وَقت عِبَادت ٿيندي رهندي آهي۔ پوءِ ان بابت