Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

اِرشاد فرمايو: اي منهنجا ملائڪو! ان جي قدرو منزلت توهان تي واضِح ٿي آهي، لهٰذا هن کان وڌيڪ حساب نه وٺو ۽ هن کي جنّت ۾ وٺي وڃو۔   (اَلْقَوْلُ الْبَدِیْع، صفحہ:124)

دُرود اُن پہ بھیجو سلام اُن پہ بھیجو                           یہی مؤمنوں سے خدا چاہتا ہے

اگر کوئی اپنا بھلا چاہتا ہے                                    اُسے چاہے جس کو خدا چاہتا ہے

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون    

حديثِ پاڪ ۾ آهي:اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت افضل ترين عمل آهي. ) جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284 (

     اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلْم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حياتِ ظاهري ۾ هڪ ڀيرو غير مُسلم ماڻهن مسلمانن تي اعتراض ڪيو ته