Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
عطائے حبیبِ خُدا مدنی ماحول ہے فیضانِ غوث و رضا مدنی ماحول
سنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللہ! تم اپنائے رکھو سدا مدنی ماحول
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقان رسول! الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به عِلمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ هن حوالي سان دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ طرفان مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز جاري ڪيون ويون آهن، انهن مان هڪ ايپلي ڪيشن آهي: hajj &umrah (حج ۽ عمرو)۔
هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان اوهان حج ۽ عمري جو مختصر طريقو ۽ حج ۽ عمري بابت ضروري مسئلا وغيره سکي سگھو ٿا، ان کان عِلاوه هن موبائل ايپليڪيشن ۾ حج و عمره جون دُعائون، حرمين شريفين جي اَهم زيارت جي مقامن جي معلومات وغيره به شامِل آهي، هن موبائل ايپلي ڪيشن جي هڪ تمام اَهم خاصيت اها آهي ته هن ۾ ٿري ڊِي ويڊيوز (3D Videos) جي ذريعي حج ۽ عمري جو عملي طريقو به سيکاريو ويو آهي۔ جن وٽ اسمارٽ فون (Smart Phone) جي سهولت آهي، اهو اها ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺي، هن مان فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايائون: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي