Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

دليل ڏيندي فرمائن ٿا: اسان جي زمين ڪروِي (يعني آني جي شڪل جيان) آهي، ان ڪري دُنيا ۾ جڏهن ڪنهن مُلڪ ۾ فجر جو وَقت ٿيندو آهي ته ڪنهن ٻي مُلڪ ۾ اُن وَقت ظهر جو وَقت ٿي رهيو هوندو آهي، ڪٿي عصر جو وَقت ٿيندو آهي ته ڪٿي مغرِب جو ۽ ڪٿي عشاء جو ٿيندو آهي، اهڙي طرح هر وَقت دُنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن نماز جو وَقت ٿيندو ئي آهي، لهٰذا ڪو اهڙو وَقت خالي ناهي رهندو جنهن ۾ ڪعبي شريف ڏانهن رُخ ڪري نماز نه پڙھي ويندي هجي۔ (روح المعانی، پارہ:4، آلِ عمران،تحت الآیۃ96، جلد:2، صفحہ:303)

مُفَسِّرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪعبو شريف انسان، جِنّات بلڪه ملائڪن جو به قبلو آهي، ان ڪري ان کي عالَمِين (يعني تمام جهانن) جي هدايت فرمايو ويو، پڻ اهو انسانن کي جنّت جي هدايت ڏيندو آهي، ان ڪري ھُدیً (يعني هدايت ڏيڻ وارو) فرمايو ويو۔ (تفسیر نعیمی،پارہ:4، آل عمران، تحت الآیۃ96، جلد:4، صفحہ:31)

منقول آهي ته ڪعبو شريف قيامت جي ڏينهن پهرين رات جي ڪنوار جيان کنيو ويندو ته جن ماڻهن ان جو حج ڪيو اهي هن جي پردن سان لٽڪيل هوندا ۽ ان جي چوڌاري طواف ڪري رهيا هوندا ايستائين جو ڪعبو شريف جنّت ۾ داخِل ٿيندو ته اهي به اُن سان گڏ داخِل ٿي ويندا۔ (احیاء العلوم، حج کا بیان، جلد:1، صفحہ:733)

تصدق ہو رہے ہیں، لاکھوں بندے گِرد پھِر پھِر کر                طوافِ خانہ کعبہ، عجب دلچسپ منظر ہے

(ذوقِ نعت، صفحہ:253)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪعبي شريف ۾ واضِح نشانيون آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪعبي شريف جو چوٿون وَصف جيڪو الله پاڪ