Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

ئي آهي جو ان جي عزت جي پيشِ نظر پکي ان جي مٿان نه اڏامندا آهن،*  هي ئي اهو ڪعبو شريف آهي جو جڏهن ڪو پکي بيمار ٿئي ته ان جي فِضَا مان لنگھي شِفَا ماڻيندو آهي، * انهيء ڪعبي شريف جي حِفَاظت جي لاءِ ابابيل ذريعي فِيل (يعني هاٿي) مارايا ويا، * انهيء ڪعبي شريف ڏانهن ماڻهن جون دِليون قدرتي طور تي مائِل ٿينديون آهن، * انهيء ڪعبي شريف جي بَرَڪت آهي جو مڪي پاڪ ۾ پيداوار ڪجهه ناهي، پر هتي ڏڪار ناهي ٿيندو، ماڻهو بکارا ناهن مرندا، * انهيء ڪعبي شريف جي بَرَڪت آهي جو هر سال لکين ماڻهو حج جي لاءِ هتي پهچي ويندا آهن، ان جي باوُجُود نه اتي کاڌي جي ڪمي ٿيندي آهي، نه اتي پاڻي گھٽ ٿيندو آهي۔ ان کان عِلاوه قُدرت جون ٻيون کوڙ ساريون نشانيون آهن جيڪي ڪعبي شريف ۾، مَسجِدِ حرام ۾ ۽ مڪي پاڪ ۾ مَوجُود آهن۔ (تفسیر نعیمی،پارہ:4، آل عمران، تحت الآیۃ97، جلد:4، صفحہ:37)

ڪعبو شريف اَمن وارو مقام آهي

اي عاشقانِ رسول! ڪعبي شريف جو پنجون مُبَارَڪ وَصف جيڪو الله پاڪ سيپاري: 4، سوره آلِ عمران، آيت:97 ۾ بيان فرمايو، اهو هي آهي ته:

وَ  مَنْ  دَخَلَهٗ  كَانَ  اٰمِنًاؕ-     

ڪنزالايمان: ۽ جيڪو ان ۾ آيو سو امن وارو ٿيو

سُبحٰنَ الله! ڪعبي شريف جو ڪيڏو شان آهي...!! الله پاڪ ان کي اَمن وارو بڻايو ۽ رڳو اهو نه بلڪه ڪعبي شريف جي بَرَڪت سان الله پاڪ سڄي حرم جي حدن کي اَمن وارو مقام بڻايو آهي۔

هاڻي هتي پهريان حُدُودِ حرم سمجھي وٺو! شيخِ طريقت، امير اهلسنت، حضرت علَّامه مولانا محمد الياس عطار قادِري رضوي، ضيائي دَامَت بَرَڪاتُهمُ العَالِيه فرمائن ٿا: عام طور تي ماڻهو صرف ”مسجدُ الحرام“ کي حرم شريف چوندا آهن، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مسجدِ حرام شريف حرمِ مُحۡتَرم ۾ ئي داخل آهي