Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

پر حرم شريف مڪي پاڪ سميت، ان جي چؤڌاري ڪيترن ئي ميلن تائين پکڙيل آهي ۽ هر طرف ان جون حدون ٺهيل آهن، هڪ تاريخدان جي جديد ماپ جي حساب سان حرم جو علائقو 127 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته حرم شريف جو ڪُل رقبو 550 چورس ڪلوميٽر آهي۔ (رفیق الحرمین، صفحہ:89)

اهو سڄو رقبو جنهن ۾ جھنگ به شامِل آهي، ان جي اندر اندر سائو گاھ پَٽڻ حرام، هتي جا وڻ ڪپڻ حرام، هتي جي جانورن کي تڪليف پهچائڻ حرام ايستائين جو جيڪڏهن سخت اُس هجي ۽ هڪ ئي وڻ هجي، ان جي ڇانو ۾ هرڻ ويٺل هجي ته پنهنجي ويهڻ جي لاءِ ان هرڻ کي اٿارڻ جائِز ناهي، مڪي پاڪ جي ڪبوترن کي اُڏرائڻ، انهن کي ڊيڄارڻ، انهن کي ڪنهن طرح تڪليف پهچائڻ منع آهي، (بہارِ شریعت، حصہ:6، جلد:1، صفحہ:1085-1086) هتان کان اندازو لڳايو! جڏهن مڪي شريف جي جانورن جو ايترو ادب آهي ته اتي جي مسلمان انسانن جو ڪيترو ادب هوندو...؟ تفسير صراط الجنان ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو شخص قتل ۽ جُرم ڪري حُدُودِ حرم ۾ داخِل ٿي وڃي ته اتي نه ان کي قتل ڪيو ويندو ۽ نه ان تي حَد (يعني شرعِي سزا) قائِم ڪئي ويندي۔ ٻي خليفي، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن مان پنهنجي والِد خطّاب جي قاتِل کي به حرم شريف ۾ ڏسان ته ان کي هٿ نه لڳائيندس ايستائين جو هو حرم جي حدن کان ٻاهر نڪري۔ (تفسیر صراطُ الجنان، پارہ:4، سورۂ آلِ عمران، زیرِ آیت:97، جلد:2، صفحہ:16)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪعبي شريف جو حج ڪيو ويندو آهي

ڪعبي شريف جو ڇهون وَصف سيپاري 4، سوره آلِ عمران جي آيت:97 ۾ اهو بيان ٿيو، اهو اَصل ۾ قيامت تائين ايندڙ مسلمانن جي لاءِ هڪ حڪم آهي، الله