Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
الله پاڪ اسان سڀني کي عشقِ مڪه ۽ عشقِ مدينه نصيب فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ
پيارا اسلامي ڀائرو! مڪي مديني جو عشق ماڻڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ ۽ نيڪين ڀري زِندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصو وٺو! اِن شَآءَ الله الڪرِيم! زِندگي ۾ نيڪين جي بهار اچي ويندي، الله پاڪ جي رضا وارا ڪم ڪرڻ جا موقعا نصيب ٿيندا۔ 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: فجر جي لاءِ جاڳائڻ۔
پنجاب جي علائقي اِلٰه آباد (ضلع قصور) جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: الحمد لله! مان دَعوَتِ اِسلَامي جي ديني مَاحَول سان وَابَسته ته هئس پر ديني ڪمن جي سلسلي ۾ سُستي جو شِڪار هئس، هڪ ڏينهن هڪ ذِمّيدار اسلامي ڀاءُ مون کي سمجھائيندي ديني ڪم ڪرڻ ۽ خاص ڪري ”فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ واري“ ديني ڪم جي خوب پابندي ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، الحمدلله! منهنجو ذِهن بڻجي ويو ۽ مون اڳئين ڏينهن ان تي عَمَل شروع ڪري ڇڏيو۔ فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ ته ڇا شروع ڪيو، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪرم ٿي ويو، قسمت جو تارو هيئن چمڪيو جو انهيء سال مون کي مديني جي حاضري جي سَعَادت نصيب ٿي، ويتر وڌيڪ اهو ڪرم پڻ ٿيو جو منهنجي وڏي ڀاءُ کي به حج جي سَعَادَت نصيب ٿي وئي۔