Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

عظمت جو بيان ڪيون ته اهو به هن انداز ۾، اهڙي ادب سان بيان ڪيو وڃي جو صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان جي شان ۽ عظمت ۾ ڪا بي ادبي نه ٿئي۔

ہم کو اللہ اَوْر نبی سے پیار ہے                اِنْ شَآءَ اللہ! اپنا بیڑا پار ہے

اُمَّہاتُ المؤمنین و چار یار                        سب صَحابہ سے ہمیں  تو پیار ہے

غوث و خواجہ داتا اور احمد رضا                  سے بھی اور ہر اِک ولی سے پیار ہے

اِنْ شَآءَ اللہ! اپنا بیڑا پار ہے

(وسائِلِ بخشش، صفحہ:700)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪعبي  شريف جي شانِ اَوَّلِيت ۽ ان بابت دليل

اي عاشقانِ رسول! هينئر اسان سيپاري 4، سوره آلِ عمران جي آيت: 96 ۽ 97 ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪئي، ٻنهي آيت سڳورين ۾ الله پاڪ ڪعبة الله شريف جي 6 صِفتن جو بيان ڪيو آهي، انهن ۾ پهرين صِفَّت بيان ڪندي الله پاڪ اِرشاد فرمايو:

اِنَّ  اَوَّلَ  بَیْتٍ  وُّضِعَ  لِلنَّاسِ    (پاره4،سورةآلِ عمران:96)       

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ سڀ کان پهريون گهر جيڪو ماڻهن جي عبادت لاءِ مقرر ٿيو.

 هن آيت مان مَعلُوم ٿيو؛ ڪعبو شريف دُنيا جي سڀ کان پهرين عِبَادت گاھ آهي۔ بلڪ صحابِي اِبنِ صحابِي، حضرت اِبنِ عَبّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ هنڌ تي ڪعبي شريف کي ”سُرَّةُ الاَرض“ فرمايو آهي۔ (مواہب اللدنیۃ، پہلا مقصد، جلد:1صفحہ:35) ” سُرَّةُ الاَرض“ جي معني آهي: زمين جي ناف (دن) ۔ مطلب اهو ته زمين جي جنهن