Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj
شام بابرڪت سرزمين آهي، لهٰذا بيت المقدس ڪعبي شريف جي مقابلي ۾ وڌيڪ اَفضَل آهي، جيئن الله پاڪ اِرشاد فرمائي ٿو: سڀ کان پهريون گھر جيڪو ماڻهن جي عِبَادت جي لاءِ بڻايو ويو اهو آهي جيڪو مڪي پاڪ ۾ آهي۔
مَعلُوم ٿيو بيت المقدس وڏي فضيلت وارو آهي، اهو مُلڪ شام ۾ آهي ۽ مُلڪ شام گھڻو بابرڪت مقام آهي پر ڪعبو شريف مڪي شريف ۾ آهي ۽ مڪو پاڪ اُنهن ٻن شهرن مان هڪ آهي جيڪو دُنيا جي تمام شهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ فضيلت وارا آهن، اهي ٻه شهر ڪهڙا آهن؟هڪ مَدِينَه مُنَوَّرَه ۽ ٻيو مَڪه مُڪرَّمَه۔
* مڪو شريف اهو شهر آهي جنهن کي اُمُّ القريٰ (يعني تمام شهرن جي اَصل) چيو وڃي ٿو ، * مڪو شريف اهو شهر آهي جو اڃا زمين نه بڻائي وئي هئي، ان کان 2 هزار سال پهريان ملائڪ مڪي شريف جي سرزمين تي تسبيح ڪندا هئا، * انسانن جي پيدائش کان 2 هزار سال پهريان کان ملائڪ مڪي شريف ۾ حج ڪندا هئا، * مڪو شريف بابرڪت آهي، * مڪو شريف امن وارو آهي، * مڪو شريف اهو مبارڪ شهر آهي جنهن کي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام آباد ڪيو، * مڪو شريف اهو مبارڪ شهر آهي جو حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ان ڏانهن دل سان دُعا فرمائي، * مڪو شريف اهو مبارڪ شهر آهي جو جتي جي رهواسين جي لاءِ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام رِزق جي دُعا فرمائي ۽ الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جون اهي ٻئي دُعائون قبول ڪيون، * مڪو شريف اهو مبارڪ شهر آهي جو جتي وڃڻ جي لاءِ سڄي دُنيا جا مسلمان تڙپندا رهن ٿا، دليون ان ڏانهن مائِل ٿينديون آهن، * مڪو شريف الله پاڪ جي سڀ کان محبوب نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيدائش جو هنڌ آهي، * مڪو شريف اهو مبارڪ شهر آهي جتي آخري آسماني ڪتاب يعني قرآنِ ڪريم جي نُزُول جي ابتداء ٿي، * مڪو پاڪ اهو مبارڪ شهر آهي جتان کان دِينِ اسلام