Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

ٿئي ته چنڊ 2 ٽڪرا ٿي وڃي، ٻڏل سج واپس اچي وڃي، بيمار تي لڳن ته شفا ملي وڃي، اهڙن ڪمال جي قدرت وارن هٿن سان پاڻ سڳورا پنهنجون زلفون سينگاريندا هئا. اعليٰ حضرت انهيءَ کي ئي فرمائن ٿا: يا رسولَ  الله    صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! پنجِ قُدرت (يعني اهي مبارڪ هٿ جيڪي يَدُ الله  آهن، ڪمال قدرت وارا آهن)، اهي اوهان جي زلفن لاءِ ڦڻي آهن، مَاشَآءَ  الله ! اي شاهِ ڪونين صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڪهڙن نه هٿن اوهان جا گيسو سينگاريا آهن.

مُوءِ مبارڪ جون نراليون برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! ربِ ڪريم پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ   صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُوءِ مبارڪ کي نرالا شان عطا فرمايا آهن جيئن پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪيزه سيرت بي عيب آهي، اهڙي طرح پاڻ ڪريم  صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مُوءِ مبارڪ به بي عيب آهن جيئن پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مٿي کان پيرن تائين معجزو آهن، اهڙي طرح پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُوءِ مبارڪ کي به اعجازي شان عطا ڪئي وئي آهي.

اِک عمر مِلا لُمْس تجھے دستِ نبی کا

جب ریشِ نبی میں تُو رہا موئے مبارک

ہجرت کے مراحِل ہوں کہ معراجِ نبی ہو

تھے ہمسفرِ ثور و حرا موئے مبارک

ہر آن رفاقت اسے آقا کی ملی تھی

سدرہ سے وراء ساتھ رہا موئے مبارک

آقا ڪريم مُوءِ مبارڪ عطا فرمايا

   حضرت شاه ولي  الله  محدث دهلوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا والد ماجد شاه عبدالرحيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون کي بخار ٿيو ۽ گهڻو وقت رهيو ايستائين جو زندگي کان نااميد ٿي ويس ان دوران هڪ ڀيري مون تي ننڊ جو غلبو