Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

رکيا هجن، رکيا ته پوري مٿي جا رکيا، حلق ڪرايو ته پوري مٿي مبارڪ جو ڪراي،)  پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون مبارڪ زلفون ڪڏهن اڌ ڪن تائين هونديون هيون،([1]) ڪڏهن ڪن مبارڪ جي لَو تائين، ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڌي ڪري مبارڪ ڪلهن کي جهومي جهومي چمڻ لڳنديون هيون. ([2])

گوش تک سنتے تھے فریاد اب آئے تا دوش

کہ بنیں خانہ بدوشوں کو سہارے گیسو([3])

وضاحت: جڏهن مبارڪ وار ڪنن تائين هئا ته ان ۾ اشارو هو ته اي امّتيو! هي مبارڪ ڪن اوهان جي فرياد ٻڌڻ لاءِ آهن، هاڻي مبارڪ وار ڪلهن تائين اچي ويا، هاڻي ڄڻ ته اشارو ڏين پيا ته اي بي سهارا امّتيو! گهٻرايو نه، هي مبارڪ ڪلها اوهان جي سهاري لاءِ آهن.

مٿي ۽ ڏاڙهي ۾ تيل وجهڻ

 اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ تيل وجهندا هئا، ڦڻي ڪندا هئا، ۽ مٿي جي وچ ۾ چير (سينڌ) ڪڍندا هئا. حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ  الله  عَنْہُ فرمائن ٿا:  الله  پاڪ جا محبوب، داناءِ غُيُوب صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مٿي مبارڪ ۾ اڪثر تيل لڳائيندا هئا ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ڦڻي ڪندا هئا، ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو رکندا هئا، ايستائين جو اهو ڪپڙو تيل سان آلو رهندو هو. ([4])

شانہ ہے پنجۂ قدرت ترے بالوں کے لئے

کیسے ہاتھوں نے شہا! تیرے سنوارے گیسو([5])

 وضاحت: رسولِ اڪرم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ هٿن کي ربِّ ڪريم يدُ الله  فرمايو آهي، سُبْحٰنَ اللہ! هي ڪهڙا نه قدرت وارا هٿ آهن، جو انهن جو اشارو


 

 



[1]...الشمائل المحمدیہ،باب ما جاء فی شعر رسول اللہ ،صفحہ:104 ،حدیث:24۔

[2]...الشمائل المحمدیہ،باب ما جاء فی شعر رسول اللہ ،صفحہ:106-107 ،حدیث:25-26 ملتقطًا۔

[3]...حدائقِ بخشش،صفحہ:119۔

[4]... الشمائل المحمدیہ،باب ما جاء فی ترجل رسول اللہ ،صفحہ:114،حدیث:33۔

[5]...حدائقِ بخشش،صفحہ:121۔