Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

آهي ۽ وَالَّيْل مان پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عفو و درگزر جي عادتِ ڪريمه مراد آهي، جيئن رات جڏهن ڇانئجي وڃي ٿي ته هر شيءِ کي ڍڪي ڇڏي ٿي، اهڙي طرح پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شانِ عفو و ڪرم گناهن کي ڍڪي ڇڏي ٿي (3): ان جي ٽئين ۽ نهايت ايمان افروز معنيٰ اسان هيءَ ٻڌي هئي ته ضُحٰى مان مراد رُخِ مصطفيٰ صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي ۽ وَالَّيْل مان مراد زُلفِ مصطفيٰ صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي. ([1])

ہے کلامِ اِلٰہی میں شمس و ضحےٰ، ترے چہرۂ نُورفزا کی قسم

قسمِ شبِ تار میں راز یہ تھا کہ حبیب کی زُلْفِ دوتا کی قسم! ([2])

    وضاحت: اي منهنجا نور وارا آقا صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! قرآن مجيد ۾ وَالشَّمْسِ ۽ وَالضُّحٰى فرمائي  الله  پاڪ توهان جي چهري انور جو قَسم کنيو آهي ۽ وَالَّيْلِ اِذَا سَجى  فرمائي توهان جي پياري پياري زلفن جو قَسم کنيو آهي.

 اڄ اسان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن2  مبارڪ آيتن جي وضاحت ٻڌنداسين ۽ ان سان گڏوگڏ رسولِ خُدا، احمدِ مجتبىٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زُلفِ مبارڪ جو به ذڪرِ خير ڪنداسين.

(1): بي عيب محبوب جو قسم!

  امام فخرالدين رازي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: وَالضُّحٰى ۽ وَالَّيْل مان پاڻ ڪريم          صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو سِرّ ۽ اِعْلان به مراد وٺي سگهجي ٿو. ([3])

  مطلب هي ته جڏهن ڏينهن چڙهندو آهي ته هر شيءِ روشن ۽ بلڪل واضح ٿي ويندي آهي، جڏهن رات ايندي آهي ته هر شيءِ لڪي ويندي آهي. ته امام رازي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائي رهيا آهن ته انهن ٻنهي لفظن مان (1):  لفظ وَالضُّحٰى


 

 



[1]...تفسیر روح المعانی،پارہ:30،الضحیٰ،زیرِ آیت:2 ،جلد:30 ،صفحہ:520۔

[2]...حدائق بخشش، صفحہ:80۔

[3]...تفسیرِ کبیر،پارہ:30،الضحیٰ،زیرِ آیت:2 ،جلد:11،صفحہ:192 خلاصۃً۔