Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx
معيار بڻايون، پاڻ ڪريم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن تي هلون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سُنتِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي برڪت سان اسان جو ڪردار به نکريل، پيارو پيارو، حسين و جميل ٿي ويندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته سُنت تي عمل جي برڪت سان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.
2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي، ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1]) (2): ٻنهي جهانن جي تاجدار، سلطانِ بَحر و بَر صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الْمُتَمَسِّكُ بِسُنَّتِي عِنْدَ فَسَادِ أُمَّتِي لَهُ أَجْرُ شَهِيدٍ يعني امت جي فساد جي وقت جيڪو شخص منهنجي سنت تي عمل ڪندو ان کي شهيد جو ثواب عطا ٿيندو. ([2])
مطیع اپنا مجھ کو بنا یااِلٰہی! سدا سنتوں پر چلا یااِلٰہی!
تُو انگریزی فیشن سے ہر دَم بچا کر مجھے سنتوں پر چلا یااِلٰہی!
تجھے واسطہ سیدہ آمنہ کا بناعاشقِ مصطفےٰ یااِلٰہی! ([3])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
وَ الضُّحٰىۙ(۱) وَ الَّیْلِ اِذَا سَجٰىۙ(۲)
(پارو :30، الضحیٰ:1-2)
ترجموڪنزُالعرفان: چڙهندڙ ڏينهن جي وقت جو قَسم ۽ رات جو جڏهن اها ڍڪي ڇڏي.