Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

 

   ۽ حسّانُ الهند يعني هندستان ۾ حضرت حسّان بن ثابت رَضِیَ  الله  عَنْہُ جي فيض يافته امامِ اهلسنت، شاه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيڏي نه پياري ڳالهه ڪئي:

وہ کمالِ حُسْنِ حُضُور ہے کہ گمانِ نقص جہاں نہیں

یہی پُھول خار سے دُور ہے، یہی شمع ہے کہ دُھواں نہیں([1])

 وضاحت: منهنجا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حُسن اهڙو باڪمال ۽ بي مثال آهي جو ان ۾ ڪنهن قسم جي نقص ۽ عيب جو گمان به موجود ناهي اهو ئي نرالو گل آهي جنهن سان ڪو ڪنڊو ناهي، اها ئي مبارڪ شمع آهي جنهن سان دونهون ناهي.

سيرتِ پاڪ دليل آهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هيءَ ڳالهه بلڪل واضح ۽ صاف آهي ته اسان جي آقا و مولى، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ربّ ڪريم بي عيب رکيو آهي ۽ ايترو بي عيب رکيو آهي جو پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسمِ پاڪ ۽ ڪپڙن تي مک کي به ويهڻ جي اجازت نه ڏني وئي. ([2])

  بلڪه ان کان وڌيڪ پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪيزگي ٻي ڇا هوندي جو ربِ ڪائنات پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرتِ پاڪ کي، سندن پاڪيزه ڪردار کي، سندن مبارڪ زندگي کي سندن نبوت ۽ سچائي جو دليل بڻايو آهي.  قرآنِ ڪريم ۾ آهي ته جڏهن مڪي جي ڪافرن پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نبوت تي اعتراض ڪيا ته  الله  پاڪ فرمايو: اي محبوب صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي فرمائي ڇڏيو!

فَقَدْ لَبِثْتُ فِیْكُمْ عُمُرًا مِّنْ قَبْلِهٖؕ-اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ(۱۶)

(سيپارو: 11، اليونس: 16)

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ پوءِ بيشڪ مان ان کان پهريان توهان ۾ پنهنجي هڪ عُمر گذاري چڪو آهيان پوءِ ڇا توهان کي عقل ناهي.


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:107۔

[2]...کتاب الشفا، الباب الرابع ، فصل ومن ذالک ماظہر... الخ،جز:1،صفحہ:273 خلاصۃً ۔