Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

 

مُوءِ مبارڪ جي تعظيم فرض آهي

اعلىٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: آيتن ۽ حديثن جي نقشن يعني صفحي تي نظر ايندڙ لفظن جي جهڙي طرح تعظيم فرض آهي، اهڙي طرح حضور پُر نور صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چادر ۽ قميص، خاص طور تي ننهن ۽ مُوءِ مبارڪ جي تعظيم به فرض آهي. ([1])

مُوءِ مبارڪ فتح بخش آهن

اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان جي آقا و مولىٰ، مڪي مدني مصطفيٰ   صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مُوءِ مبارڪ شفا بخش به آهن، ان سان گڏوگڏ فتح بخش به آهن جي ها! مُوءِ مبارڪ جي برڪت سان مشڪلاتون ٽري وينديون آهن ۽ زندگي جي هر ميدان ۾ انهن جي برڪت سان ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي جيئن ته مشهور صحابيءِ رسول حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ فرمائن ٿا ته خوش قسمتي سان حضور صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيشاني مبارڪ جا وار مون وٽ هئا مون انهن کي پنهنجي ٽوپي ۾ اڳيان سبي رکيو هو انهن وارن جي برڪت هئي ته سڄي عمر هر جهاد ۾ فتح ۽ نصرت حاصل ٿيندي رهي. ([2])

فقط اس واسطے خالِد نے ہر اک معرکہ جیتا

انہوں نے ٹوپی میں رکھے میرے سرکار کے گیسو

غير مسلم لشڪرين جا پير اکڙي ويا

هڪ ڀيري حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ ٿوري فوج وٺي ملڪ شام ۾ جبلہ بن اَيْهم جي قوم جي مقابلي لاءِ تشريف وٺي ويا ۽ ٽوپي گهر وساري آيا جڏهن مقابلو ٿيو ته رومين جو وڏو آفيسر مارجي ويو ان وقت جبلہ سموري لشڪر کي حڪم ڏنو ته مسلمانن تي هڪدم سخت حملو ڪريو حملي جي وقت صحابهءِ ڪرام رَضِيَ  الله  عَنْهم جي حالت نازڪ ٿي وئي ايستائين جو رافع بن


 

 



[1]... فتاویٰ رضویہ، جلد:9،صفحہ:118- 119 بتغیر قلیل ۔

[2]... معجمِ کبیر،جلد:3 ،صفحہ:4 ،حدیث:3714 ملتقطًا ۔