Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

ڏيندو، حديثِ پاڪ ۾ آهي ته ان لاءِ جنت واجب ٿي ويندي.  مَعَاذَ اللہ ! هي ڏاڍي جرئت جي ڳالهه آهي اهڙي ڪا به روايت حديث جي ڪتابن ۾ موجود ناهي ربيع الاول شريف يقيناً ڏاڍو مبارڪ مهينو آهي، ڏاڍي عظمتن وارو، رفعتن وارو مهينو آهي، پر هن بابرڪت مهيني جي اچڻ جي مبارڪباد ڏيڻ سان جنت واجب ٿي وڃي، هي ڳالهه من گهڙت آهي ۽ ياد رکو! من گهڙت ڳالهه پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏانهن ڄاڻي واڻي منسوب ڪرڻ حرام آهي حديث مبارڪ ۾ آهي: مَنْ کَذَبَ عَلَیَّ مُتَعَمِّدًا فَلْیَتَبَوَّاْ مَقْعَدَہٗ مِنَ النَّارِ يعني جنهن مون تي ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڳالهايو، اهو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم ۾ بڻائي وٺي. ([1])

۽ بغير تحقيق ۽ تصديق جي هر ٻڌل ٻڌايل ڳالهه کي اڳتي ڦهلائڻ نه گهرجي حديثِ پاڪ ۾ آهي: کَفٰی بِالْمَرْءِ کَذِبًا اَنْ یُّحَدِّثَ بِکُلِّ مَا سَمِعَ.  يعني انسان جي ڪوڙي هجڻ لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته هو هر ٻڌي ٻڌائي ڳالهه بيان ڪري ڇڏي. ([2]) تنهنڪري اهڙين روايتن تي مشتمل ميسيج ۽ پوسٽون شيئر ڪرڻ کان بچڻ ڏاڍو ضروري آهي. ([3])  الله  پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                               صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

اَسمَاءُ الحسنى جون برڪتون (وظيفو)

 یَا کَبِیْرُ

جيڪو ڪو9  ڀيرا یَا کَبِیْرُ پڙهي ڪنهن بيمار تي دم ڪري ته صحتياب ٿي ويندو.([4]) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  الله  پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد



[1]...بخاری، کتاب العلم، باب اثم من کذب علی النبی، صفحہ:103، حدیث:110۔

[2]...مسلم ، المقدمۃ، باب النہی عن الحدیث بکل ما سمع، صفحہ:12، حدیث:5۔

[3]... دَارُالاِفْتَاء اَہْلسُنَّت ، غیر مطبوعہ، فتاویٰ نمبر: Pin-4893 ۔

[4]...مدنی پنج سورہ، صفحہ:251۔