Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

 

  مفسرينِ ڪرام ان جي هڪ ايمان افروز معنيٰ هي بيان فرمائي آهي ته وَالضُّحٰى مان رُخِ مصطفيٰ صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مراد آهي ۽ وَالَّيْل مان پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زُلفِ مبارڪ ڏانهن اشارو آهي يعني ربِ ڪائنات هن مقام تي پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روشن چهري ۽ زُلفِ مبارڪ جو قسم ارشاد فرمايو آهي. ([1]) اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! گذريل جمعي تي اسان پياري نبي، سٺي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پُرنور چهري جو مختصر تذڪرو ٻڌو هو، اڄ اچو! زُلفِ مصطفيٰ جون ڳالهيون ڪريون.

میرے معبود کو پیارے میرے سرکار کے گیسو

عروجِ حُسْن سے آگے میرے سرکار کے گیسو

زیارت گیسوؤں کی ہے نبی کی دید کا حِصَّہ

وہ ہے خوش بخت جو دیکھے میرے سرکار کے گیسو

جہاں میں عشق و مستی کی یہ خوشبو اس لئے پھیلی

کہ ہوا کہ دوش پر مہکے میرے سرکار کے گیسو

مُوءِ مبارڪ جو پاڪ وصف

اسان جا آقا، جانِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مُوءِ مبارڪ نه ڳنڍيدار هئا نه بلڪل سڌا، بلڪه انهن ٻنهي ڪيفيتن جي وچ ۾ هئا. پاڻ ڪريم        صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا وارَ مبارڪ سندن ڪنن جي لَو تائين هئا. ([2])
                                                                                                             نہ گھونگھر والے، نہ بالکل سیدھے، وہ گیسو خمیدہ ہیں

گھنے اور رنگ میں کالے میرے سرکار کے گیسو

   اسان جي سرڪار، ٻنهي عالمن جي تاجدار صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هميشه مٿي مبارڪ تي وار پورا رکيا (يعني ڪڏهن ائين نه ٿيو ته ڪٿان ڪترايا ۽ ڪٿان


 

 



[1]...تفسیر روح المعانی،پارہ:30،الضحیٰ،زیرِ آیت:2 ،جلد:30 ،صفحہ:520۔

[2]...الشمائل المحمدیہ،باب ما جاء فی شعر رسول اللہ ،صفحہ:107-108 ،حدیث:27 خلاصۃً۔